جماعت اسلامي انتشار ۽ پروپيگنڊا کي اصل سياست سمجهي ٿي

جماعت اسلامي انتشار ۽ پروپيگنڊا کي اصل سياست سمجهي ٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جماعت اسلامي جي امير منعم ظفر جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.سعديه جاويد چيو ته جماعت اسلامي انتشار ۽ پروپيگنڊا کي اصل سياست سمجهي ٿي.هن چيو ته جماعت اسلامي جو آچر تي عوام کي تنگ ڪرڻ جو واحد مقصد پنهنجي شهرن جي نااهلي کي لڪائڻ آهي. ڪڏهن اهي چون ٿا ته مين هول جا ڍڪ لڳائڻ اسان جو ڪم ناهي، پوءِ اهي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن 35,000 مين هول لاءِ ڍڪ لڳايا آهن.سعديه جاويد وڌيڪ چيو ته شهرين جماعت جي پروپيگنڊا ڪندڙن جو اصل چهرو ڏٺو ۽ سڃاڻي ورتو آهي، انهن جي پنهنجي علائقن ۾ انهن خلاف بينر به لڳڻ شروع ٿي ويا آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي ڪري ٽريڪ سسٽم کان پوءِ حادثا 50 سيڪڙو گهٽجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو