تاريخ رقم ،پي ايس ايڪس انڊيڪس 75,000 جي حد پار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ قائم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ زبردست عروج ڏٺو ويو آهي.واپاري سيشن دوران انڊيڪس 574 پوائنٽس وڌيو، 100 انڊيڪس 75,000 جي نئين بلند ترين سطح تي وٺي ويو.اقتصاديات جي ماهر محمد سهيل جو چوڻ آهي ته 100 انڊيڪس 75 هزار کان مٿي آهي، پرڏيهي خريداري انڊيڪس جي نئين بلندي جو سبب آهي، ايم ايس سي آءِ پنهنجي عالمي انڊيڪس جو جائزو ورتو آهي ۽ ان ۾ اسان جي هڪ ڪمپني به شامل آهي.هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته انڊيڪس ۾ پاڪستان جو حصو به وڌندو ۽ انڊيڪس هن سال ڊسمبر تائين 87 هزار ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو