بلڙي شاھ ڪريم، ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

بلڙي شاھ ڪريم، ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

بلڙي شاھ ڪريم (رپورٽر)بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان ڳوٺ جَهنگ ڪاتيار ۾ ڪاتيار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو جھيڙي دوران محمد صديق عرف بابو ڪاتيار پسٽل جا سڌا فائر ڪري امجد علي ڪاتيار ولد علي محمد ڪاتيار کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو.اکين ڏٺن شاهدن موجب فائرنگ جا آواز ٻڌي ڊوڙي آيا ۽ زخمي کي فوري طور تي سول اسپتال ٽنڊو محمد خان منتقل ڪيو ويو ، جتي ڊاڪٽرن جي ڪوششن باوجود زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي جي اچتو موت تي علائقي ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ گهر وارا غم ۾ وٺجي ويا واقعي جي اطلاع تي ڪپور پوليس موقعو تي پهچي علائقو گهيري ۾ آڻي شاھديون گڏ ڪرڻ ۽ جاچ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق وارثن جي ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوء جلد جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويندا ۽ قانون موجب سخت قدم کنيا ويندا.مقامي ماڻهن حڪومت ۽ انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ وڌندڙ جهيڙن ۽ هٿيارن جي کليل استعمال خلاف سخت قدم کنيا وڃن جيئن بيگناهه جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو