اپوزيشن ليڊر تبديل ڪريو، نيب چيئرمين ڪم ڪندو رهندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي ته نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ بابت ڪابينا ۾ غور نه ٿيو آهي، اسين ٻيهر واضح ٿا ڪريون ته اپوزيشن ليڊر تبديل ڪريو، شهباز شريف تي نيب جا ڪيس آهن هن سان ڪيئن مشاورت ڪريون ته نئن چيئرمين نيب ڪنهن کي لڳايون؟ ٻئي پاسي حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان موجوده چيئرمين کي نئين چيئرمين جي مقرري تائين ڪم جاري رکڻ بابت آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڪنهن به وقت آرڊيننس جاري ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان نيب آرڊيننس جَي ترميمي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڪميٽي نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو مسودو تيار ڪيو هو، نيب چيئرمين جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ صدر طرفان اڄ آرڊيننس جاري ڪرڻ جا امڪان آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو