ايندڙ عام چونڊون وري ‘آر ٽي ايس’ هيٺ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چونڊن ۾ غلطين کان پاڪ ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جي حق ۾ آهيون، اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم يعني ‘آر ٽي ايس’ جي استعمال تي اتفاق ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس دوران غلطين کان پاڪ اي وي ايم مشين تيار ڪرڻ ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم کي مشين جو جائزو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. ذريعن موجب ڪميشن جي اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع جي چونڊن دوران آر ٽي ايس ۾ ظاهر ٿيل خاميون نادرا سان گڏجي ختم ڪيون وڃن، 2017ع جي آدم شماري تحت تڪبنديون ۽ عام چونڊون نين تڪبندين تحت ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران چيو ويو ته حڪومت اي وي ايم جي حوالي سان گهربل شيون اڃا تائين مهيا نه ڪيون ويون آهن، غلطين کان پاڪ اي وي ايم ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي وئي تھ نادرا سان گڏجي 2018ع دوران آر ٽي ايس ۾ آيل خاميون ختم ڪيون وڃن. ياد رهي ته 2018 جي چونڊ ۾ آر ٽي ايس بلاڪ ٿي ويو هو ۽ اپوزيشن وارن چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ بابت احتجاج به ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو