ايران ۾ ڌماڪا، 188 ڄڻا مارجي ويا، 171 زخمي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي شهر ڪرمان ۾ اڳوڻي جنرل قاسم سليماني جي مقبري ويجهو ٻن ڌماڪن ۾ 188 ماڻهو مارجي ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ايراني ميڊيا موجب اڳوڻي ايراني ڪمانڊر جنرل سليماني جي اڄ چوٿين ورسي جي موقعي تي سندس مقبري ويجهو ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ٻه ٿيلها قبرستان جي داخل ٿيڻ واري در تي رکيا ويا هئا.ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته قاسم سليماني جي ورسي جي موقعي تي مقبري ۾ 2 هزار ماڻهو موجود هئا، ڌماڪن ۾ 80 ڄڻا فوت ۽ 171کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.ايراني ميڊيا موجب سيڪيورٽي اختياريون صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن.ٻي پاسي ڪرمان جي گورنر جو چوڻ هو ته ڪرمان ۾ ڌماڪا دهشتگرديءَ جا واقعا آهن، ڌماڪا دستي بم ڦاٽڻ سبب ٿيا. ڌماڪن کان پوءِ سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو