پرويز مشرف جو وڏو ڏوهه آئين ٽوڙڻ ۽ اين آر او ڏيڻ هو، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ پرويز مشرف جو سڀ کان وڏو ڏوهه آئين ٽوڙڻ سان گڏ طاقتورن کي اين آرو ڏيڻ هو، پئسو مشرف جو نه پر عوام جو هو، مشرف کي اهو حق نه هو ته ڪنهن کي اين آر او ڏئي. ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي پيڙه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته طاقتور هميشه قانون کان مٿانهون رهڻ چاهي ٿو، هيءَ سڀ گڏجي چوندا آهن ته اسان لاءِ ڌار قانون ٺاهيو، قانون جي بالادستي نه هُجڻ سبب اسان پوئتي رهجي وياسين، بنگلاديش ۽ ڀارت اڳتي نڪري ويا، ڊڪٽيٽر خلاف ججز بحالي تحريڪ جا گهربل نتيجا نه ملي سگهي. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو تھ بدقسمتي سان ججز بحالي تحريڪ مان گهربل مقصد حاصل نه ٿي سگهيا پر جج بحال ٿي ويا، 6 ڏهاڪن بعد نيٺ رياست تسليم ڪيو ته سستو ۽ فوري انصاف شهرين جو بنيادي حق آهي، هن وڌيڪ چيو ته عدالتون ڪمزور طبقي  ۽ سائلن لاءِ انتهائي ضروري آهن، عدالتي نظام جو اصل حصيدار ملڪ جو عوام آهي. سستو ۽ ترت انصاف عوام جو حق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو