واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس غزه ۾ 5 ڏينهن جي جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن. واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس آمريڪا جي حمايت سان جنگبندي واري معاهدي تي راضي ٿي ويا آهن. واشنگٽن پوسٽ ٻڌايو آهي ته ٻنهي ڌرين يرغمالين جي آزاديءَ جي بدلي ۾ غزه ۾ 5 ڏينهن جي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي.
