اسرائيلي حڪومت ايڪشن کڻڻ تي مجبور ڪري سگھي ٿي:ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي اسرائيل جي غزا تي لاڳيتو حملن بابت چيو آهي صيهوني حڪومت ريڊ لائين پار ڪري چڪي آهي جيڪا ڪنهن به وقت ايڪشن کڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته واشنگٽن اسان ڪجهه به نه ڪرڻ جو چوي ٿو پر پاڻ اسرائيل جي حمايت جاري رکيون ويٺو آهي.هن چيو ته آمريڪا مزاحمتي اتهاد کي پيغام موڪليا پر جواب واضح طور تي جنگ جي ميدان ۾ مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو