اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 263 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ويڙهه دوران عارضي جنگبندي ختم ٿيڻ بعد اسرائيلي فوج 400 کان وڌيڪ حملا ڪيا ۽ 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.غزه ۾ هڪ هفتي جي عارضي جنگبندي کانپوءِ اسرائيلي فوج پنهنجا انساني ظلم ٻيهر شروع ڪري ڇڏيا، جڏهن ته جبليا ڪيمپ ۽ خان يونس ۾ ٻن رهائشي عمارتن تي بمباري ڪري 250 فلسطيني شهيد ۽ ٻين واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. 7 آڪٽوبر کان وٺي غزه تي اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 15 هزار 207 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 40 هزار 650 کان به وڌي ويو آهي، اسرائيلي حملن ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ اڌ کان وڌيڪ تعداد صرف ٻارن جي آهي،غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي حملن ۾ 60 سيڪڙو گهر ۽ رهائشي يونٽ تباهه ٿي چڪا آهن.اسرائيل طرفان عارضي جنگبندي ختم ڪرڻ کانپوءِ غزه ۾ ڦاٿل متاثرين لاءِ رفح ڪراسنگ کان بين الاقوامي انساني امداد جي هڪ ڏينهن جي بندش کانپوءِ امداد جا 50 ٽرڪ غزه ۾ داخل ٿي ويا آهن.ٻئي طرف غزه ۾ جنگبندي جي ڪوششن ۾ ڊيڊ لاڪ آهي، اسرائيل به قطر مان پنهنجا ڳالهيون ڪندڙ واپس گهرائي ورتا آهن.اسرائيل الزام هنيو ته حماس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ يرغمال بڻيل سمورن عورتن ۽ ٻارن کي آزاد نه ڪيو.اسرائيلي بچاءَ واري وزير حماس تي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته حماس ۾ اڃا تائين 15 عورتون ۽ 2 ٻار آهن.ان جي جواب ۾ حماس اسرائيلي الزام کي رد ڪندي چيو ته سمورن عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويو آهي. حماس چيو ته باقي يرغمال اسرائيلي فوجي آهن يا فوج لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. حماس واضح طور تي غزه جو گهيرو ختم ٿيڻ تائين باقي اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. حماس جي نائب سربراهه صالح العريري چيو آهي ته اسرائيل جي زميني، فضائي ۽ ٻين سمورن فوجي ڪارروائين لاءِ تيار آهن. هن چيو ته يرغمالين ۾ هاڻي اسرائيلي سپاهي ۽ اسرائيلي مرد شامل آهن جيڪي اسرائيلي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. هن چيو ته جنگبندي ۽ سمورن فلسطيني قيدين جي آزادي تائين اسرائيلي يرغمالين کي آزاد نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو