اسرائيلي حملن ۾ شدت، غزه ۾ خوراڪ جو شديد بحران

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي حملن جي شدت سان خوراڪ جو بحران سنگين ٿي ويو آهي، جنهن ڪري غزا جي اڪثر علائقن تائين امداد پهچائڻ ناممڪن بڻيل آهي.ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته غزه جا 36 سيڪڙو گهرڙا سخت بک جو شڪار آهن. غزا جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ 18 هزارن تائين پهچي ويو آهي. اسرائيلي فوج بيت لاهيا ۾ خليفي اسڪول جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ اسڪول ۾ پناهه وٺندڙ فلسطينين کي گرفتار ڪري ورتو. اسرائيل جھڙپ ۾ 2 آفيسرن سميت وڌيڪ 4 اسرائيلي فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف يمني حوثي باغين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن امداد غزا وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته اسرائيل وڃڻ وارو ڪو به جهاز اسان جو نشانو بڻجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو