آءِ جي اسلام آباد جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود گرفتار نه ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ باوجود گرفتار ڪرڻ تي پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.آءِ جي اسلام آباد گرفتاري وارنٽ باوجود لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.لاهور هاءِ ڪورٽ آءِ جي آڏو پيش نه ٿيڻ تي لاڳاپيل ايس پي اسلام آباد کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي اسلام آباد کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جا لکت ۾ جواب به رد ڪري ڇڏيا ۽ ٻنهي آفيسرن کي چارج شيٽ لاءِ طلب ڪري ورتو جڏهن ته پبلڪ پراسيڪيوٽر کي پراسيڪيوٽر مقرر ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو