راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) دفاعي سهڪار لاءِ پاڪ فوج جي جوانن جي سعودي عرب روانگيءَ جي موقعي تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حرمين شريفين جي تحفظ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪ فوج جي دستن جي سعودي عرب روانگيءَ لاءِ الوداعي تقريب ۾ بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سعودي عرب جو سفير ڊاڪٽر راجح تامي البقامي، پاڪ فوج جو چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل عمر احمد بخاري ۽ ڪمانڊر لاهور ڪور ليفٽيننٽ جنرل محمد عمر بشير پڻ موجود هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوجي دستن جي اها مقرري سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪو ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ پراڻي اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي ٻڌل آهي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي ۽ حرمين شريفين جي تقدس جي تحفظ واري پنهنجي عزم تي قائم آهي. پاڪ فوج جا اهي دستا طئي ٿيل ذميوارين ۽ دفاعي سهڪار جي اڳواٽ طئي ٿيل فريم ورڪ تحت سعودي سرزمين تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. اها مقرري خطي ۾ اڀرندڙ سيڪيورٽي خدشن جي پسمنظر ۾ سعودي عرب جي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه موجب، تقريب ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار جي پراڻن رشتن کي اجاگر ڪيو ويو، جڏهن ته پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ سعودي عرب سان گڏ بيهڻ واري پاڪستان جي پختي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو.










