لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانيا ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان هڪ نئون رجحان سامهون آيو آهي، جنهن موجب ماڻهو، خاص طور تي نوجوان ۽ ننڍي عمر جا بالغ، گذريل نسلن جي ڀيٽ ۾ گهٽ جنسي لاڳاپا قائم ڪري رهيا آهن يا بلڪل به نٿا ڪن.
پر هڪ تحقيق موجب انهن مان ڪيترائي ماڻهو فحش مواد ڏسڻ ۽ جنسي نوعيت جا پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا.
ماڻهن جي جنسي زندگيءَ بابت دي نيشنل سروي آف سيڪشوئل اٽيٽييوڊز اينڊ لائف اسٽائلز (Natsal) جي تحقيق ۾ پهريون ڀيرو آن لائن روين بابت سوال شامل ڪيا ويا آهن.
16 کان 24 سالن جي عمر وارن اڌ ماڻهن گذريل هڪ سال دوران پنهنجي فون تي جنسي نوعيت جون تصويرون موڪليون يا وصول ڪيون آهن، جڏهن ته هر ٻن مان هڪ نوجوان عورت ۽ لڳ ڀڳ هر 10 مان 9 نوجوان مردن جو چوڻ آهي ته انهن فحش مواد ڏٺو آهي.
تنهن هوندي به، هن عمر جي گروپ جي هڪ ڀاڱي ٽي ماڻهن ٻڌايو ته انهن ڪڏهن به جنسي لاڳاپو قائم ناهي ڪيو، جڏهن ته 12 سال اڳ ٿيل گذريل تحقيق ۾ اها شرح پنجن مان هڪ هئي.
45 سالن کان گهٽ عمر وارا ماڻهو پڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ جنسي لاڳاپا قائم ڪري رهيا آهن ۽ سراسري طور مهيني ۾ ٻه ڀيرا جنسي عمل ڪن ٿا، جڏهن ته 1990ع ۾ اها سراسري هفتي ۾ هڪ ڀيرو هئي.
گهٽ جنسي لاڳاپا، وڌيڪ فحش مواد؟
هن تحقيق ۾ 37 سيڪڙو عورتن چيو ته انهن گذريل هڪ سال دوران فحش مواد ڏٺو، جڏهن ته مردن ۾ اها شرح لڳ ڀڳ پنجن مان چار (81 سيڪڙو) هئي. 16 کان 24 سالن جي نوجوانن ۾ اڌ عورتن ۽ 86 سيڪڙو مردن ٻڌايو ته اهي فحش مواد ڏسن ٿا.
جن ماڻهن ڪڏهن به جنسي لاڳاپو قائم نه ڪيو هو، انهن ۾ فحش مواد ڏسڻ ۽ خود لذت حاصل ڪرڻ جو رجحان نسبتاً گهٽ ڏٺو ويو. تحقيق جي ليکڪن موجب، ان مان اشارو ملي ٿو ته آن لائن يا انفرادي جنسي سرگرميون رڳو روبرو جنسي لاڳاپن جو متبادل نٿيون بڻجن، جيتوڻيڪ اهي ان بابت ڪو حتمي نتيجو ڪڍڻ کان پاسو ڪن ٿا.
هن تحقيق ۾ مصنوعي ذهانت (AI) يا چيٽ بوٽس سان رومانوي نوعيت جي ورچوئل لاڳاپن بابت سوال شامل نه هئا. تنهن هوندي به، محققن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ اهڙين سرگرمين جو جائزو وٺڻ ضروري ٿي سگهي ٿو.
نيٽسل جي تحقيقاتي ٽيم جي ميمبر ۽ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن سان لاڳاپيل سوزي ڪلفٽن جو چوڻ آهي ته، ”جڏهن اسان 2022ع کان 2024ع جي وچ ۾ هي سروي ڪيو، تڏهن اهڙا تصور ڪنهن حد تائين سائنس فڪشن جهڙا محسوس ٿيندا هئا.“
سندس چوڻ موجب، ”مستقبل ۾ ممڪن آهي ته اسان اهو جائزو وٺي رهيا هجون ته مصنوعي ذهانت ماڻهن جي جنسي روين ۽ انهن جي پاڻ ۾ لاڳاپن تي ڪهڙي طرح اثرانداز ٿي رهي آهي.“
رضامنديءَ بابت وڌيڪ کليل گفتگو
هن تحقيق جي شريڪ محقق ۽ لنڊن اسڪول آف هائيجين اينڊ ٽراپيڪل ميڊيسن سان لاڳاپيل پروفيسر وينڊي ميڪڊوال جو چوڻ آهي ته، جيتوڻيڪ گهٽ ٿيندڙ جنسي لاڳاپن جو ذميوار اسڪرين تي گذاريل وقت کي قرار ڏيڻ آسان لڳي سگهي ٿو، پر ان جي پويان غالباً ڪيترائي ٻيا عنصر پڻ ڪارفرما آهن، خاص طور تي نوجوانن جي معاملي ۾.
مثال طور، نوجوان گذريل نسلن جي ڀيٽ ۾ گهٽ شراب پي رهيا آهن ۽ انهن مان وڌيڪ تعداد پنهنجي والدين سان گڏ گهر ۾ رهي ٿو.
سندس چوڻ موجب، ذهني صحت جي مسئلن ۾ اضافي جي شرح پڻ هن رجحان سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪورونا جي عالمي وبا پڻ ماڻهن جي سماجي سرگرمين کي محدود ڪري ڇڏيو هو.
پروفيسر ميڪڊوال جو چوڻ آهي ته رضامنديءَ جي موضوع تي وڌيڪ کليل نموني ٿيندڙ گفتگو پڻ ان جو سبب بڻجي سگهي ٿي ته نوجوان پاڻ کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ وڌيڪ بااختيار محسوس ڪندا هجن ته اهي جنسي لاڳاپو قائم ڪرڻ چاهين ٿا يا نه ۽ ڪڏهن قائم ڪرڻ چاهين ٿا.
تنهن هوندي به، ڪجهه ماڻهو پنهنجي جنسي زندگيءَ بابت پريشانيءَ جو اظهار پڻ ڪن ٿا. هر ستن مان هڪ عورت ٻڌايو ته پنهنجي ماضيءَ جي جنسي زندگيءَ ۾ پيش آيل ڪجهه واقعن سبب هوءَ اڃا تائين ٻين سان تڪرارن يا ذهني پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهي آهي.
مردن ۾ پڻ لڳ ڀڳ ايتري ئي شرح وارن ماڻهن چيو ته انهن کي پنهنجي ڪجهه جنسي خواهشن ۽ خيالن بابت شرمندگي محسوس ٿئي ٿي.
جنسي لاڳاپن لاءِ انتظار
نيٽسل جي هيءَ چوٿين تحقيق مختلف رجحانن جي نشاندهي ڪري ٿي، پر انهن جي مڪمل وضاحت نٿي ڪري. 2010ع ۾ ٿيل گذريل تحقيق مان معلوم ٿيو هو ته نوجوانن کي پنهنجي پهرين جنسي سرگرميءَ بابت سڀ کان وڌيڪ افسوس ان ڳالهه جو هو ته انهن تمام ننڍي عمر ۾ يا تمام جلد جنسي لاڳاپو قائم ڪيو.
هاڻي لڳي ٿو ته وڌيڪ نوجوان جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ انتظار ڪري رهيا آهن.
تقريباً هر پنجن مان ٻه نوجوان عورتون (38 سيڪڙو) ۽ چئن مان هڪ کان وڌيڪ نوجوان مرد (28 سيڪڙو) ٻڌايو ته انهن ڪڏهن به جنسي لاڳاپو قائم ناهي ڪيو. اها شرح 1990ع، 2000ع ۽ 2010ع جي سروي ۾ لڳ ڀڳ پنجن مان هڪ هئي.
۽ اهي بالغ ماڻهو جيڪي جنسي لاڳاپا قائم ڪن ٿا، انهن مان گهڻا هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڀيرا ائين ڪن ٿا. ماضيءَ ۾ سراسري طور هفتي ۾ هڪ ڀيرو جنسي لاڳاپو قائم ڪيو ويندو هو، جڏهن ته هاڻي اها سراسري پندرهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو رهجي وئي آهي.
دي لينسٽ ۾ شايع ٿيل تازا نتيجا برطانيا جي مختلف علائقن مان چونڊيل 16 کان 59 سالن جي عمر وارن 6,700 ماڻهن جي سروي تي ٻڌل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”ٽي ڀاڱي چار بالغن گذريل هڪ سال دوران جنسي لاڳاپو قائم ڪيو.“
سروي موجب: سڄي زندگيءَ ۾ جنسي ساٿين جو سراسري تعداد پنج آهي. عورتون سراسري طور مهيني ۾ هڪ ڀيرو، جڏهن ته مرد مهيني ۾ ٻه ڀيرا جنسي لاڳاپو قائم ڪن ٿا. مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ هم جنس ساٿيءَ سان جنسي لاڳاپن جي اطلاعن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر ان اضافي جي صحيح تعداد واضح ناهي.
غير محفوظ جنسي لاڳاپا، پر گهٽ ماڻهو ٻار چاهين ٿا
انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته برطانيا ۾ ڪيترائي ماڻهو، خاص طور تي نوجوان، اهڙا جنسي لاڳاپا قائم ڪري رهيا آهن، جن ۾ حمل کان بچاءَ جا طريقا استعمال نٿا ڪيا وڃن. اهو حمل ٿيڻ ۽ جنسي طور منتقل ٿيندڙ بيمارين (STIs) جي خطرن ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
تحقيق موجب، نوجوان عورتن ۾ حمل کان بچاءَ واري گوريءَ جي استعمال ۾ پڻ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. پر ٻئي پاسي، انهن عورتن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، جن جا ٻار ناهن ۽ جيڪي مستقبل ۾ پڻ اولاد نٿيون چاهين. 16 کان 44 سالن جي عمر وارين اهڙين عورتن ۾ اها شرح گذريل هڪ ڏهاڪي دوران 8 سيڪڙو مان وڌي 17 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
لنڊن اسڪول آف هائيجين اينڊ ٽراپيڪل ميڊيسن سان لاڳاپيل محقق ڊاڪٽر لورا اوڪلي موجب، هاڻي ايندڙ تحقيق ۽ پاليسي سازي لاءِ اهو ڄاڻڻ اهم هوندو ته هن رجحان جي پويان ڪهڙا عنصر ڪارفرما آهن، اهي معاشي غيريقيني صورتحال هجي، موسمياتي تبديليءَ بابت خدشا هجن يا زندگيءَ جي ترجيحن ۾ ايندڙ تبديليون.
سندس چوڻ آهي ته هن رجحان جا صحت، سارسنڀال ۽ خانداني خدمتن جي منصوبابندي تي اهم اثر پئجي سگهن ٿا.










