ڀارت: جھارکنڊ ۾ ٽريفڪ حادثو، ٻارن ۽ عورتن سميت 13 ڄڻا فوت

ڀارت: جھارکنڊ ۾ ٽريفڪ حادثو، ٻارن ۽ عورتن سميت 13 ڄڻا فوت

نئين دھلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جھارکنڊ ۾ رانچي-پٽنا هاءِ وي تي مسافر گاڏي اسڪارپيو خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ٻارن ۽ 4 عورتن سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب حادثو آچر جي صبح سوير تقريبن 2 وڳي رام ڳڙهه ضلعي ۾ نيشنل هاءِ وي 33 تي پيش آيو. اسڪارپيو ۾ سوار سمورن 14 ڄڻن جو تعلق رياست بهار جي نالندا ضلعي جي ڳوٺ جهنگهارو سان هو، جيڪي مذهبي عبادت لاءِ جھارکنڊ جي علائقي راجرپا وڃي رهيا هئا. حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ تباهه ٿيل گاڏي مان مسافرن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي. زخمي شخص کي علاج لاءِ صدر اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال انتظاميا موجب 13 ڄڻن کي فوت ٿيل حالت ۾ آندو ويو، جڏهن ته هڪ زخمي شخص جو علاج جاري آهي. حادثي جا ڪارڻ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن. حادثي تي ڀارت جي صدر دروپدي مرمو ۽ وزيراعظم نريندر مودي پڻ افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو