اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فلسطيني عوام ڏهاڪن کان بي دخلي ۽ تشدد جا سنگين نتيجا ڀوڳي رهيا آهن. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطيني عوام سان غيرمتزلزل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته عالمي برادري عالمي قانونن موجب فلسطيني عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي. هن چيو ته فلسطين بابت پاڪستان هميشه اصولي ۽ غيرمتزلزل موقف اختيار ڪيو آهي، پاڪستان فلسطين جي حمايت ۾ صف اول ۾ رهيو آهي ۽ فلسطين بابت سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي حمايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ سان فلسطيني رياست جي حيثيت تسليم ڪرائڻ لاءِ سياسي عمل جي راهه هموار ٿي آهي، جڏهن ته انساني امداد جي فراهمي لاءِ جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جاگرافيائي ۽ آباديءَ جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به ناپاڪ ڪوشش کي رد ڪري ٿو، جڏهن ته مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيل جي مسلسل ڀڃڪڙين جي پڻ مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 1967ع کان اڳ وارين سرحدن موجب فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي.










