ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهيد ملت روڊ تي انڊر پاس ويجهو ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. ٻئي پاسي لانڍي اسپتال چوڪ ويجهو گاڏي ۾ باهه لڳي وئي. ريسڪيو عملدارن موجب باهه لڳڻ واري واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.










