ساڃاھ وندن جو اتحاد وقت جي اهم تقاضا

ساڃاھ وندن جو اتحاد وقت جي اهم تقاضا

خيال کتري
هن وقت سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ جو درجو ڏيندڙ سڀني ساڃاھ وندن جي مٿان اهم ذميواري عائد ٿئي ٿي. ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي حدن جي حفاظت لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي اچڻ. ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڍال بڻجي، ان جي حدن، سرحدن ۽ ان جي خزانن جي رکوالي ڪن. سنڌ ڌرتي هر پاسي کان دشمنن جي ڄار ۾ ڦاٿي پئي آهي. جنهن کي سوگھو ڪري، ان جو رت ست ڪڍيو پيو وڃي. جنهن جي قوت ۽ سگھ مان ڌرتي دشمن وڏو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. پر اصل حقدار ڌرتي ڌڻي مايوس ڪيا ويا آهن. ڪنهن به ڌرتي ڌڻيءَ کي پنهنجيءَ ڌرتيءَ جي وسيلن مان ذرو به حاصلات ڪونھي. ۽ نه ئي ڪا مستقبل ۾ حاصل ٿيندي ڏسڻ ۾ ٿي اچي. ويتر ڌرتيءَ جا دشمن ان کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ مينهوڳي ڏيڏرن وانگر ٻرن مان نڪري ٽان ٽان ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن. سنڌ کي ٽوڙي ان مان نوان صوبا جوڙڻ جو راڳ آلاپي رهيا آهن. سي پڌري پٽ ته پڌرا آهن. پر ان جي پس پرده ڪم ڪندڙن قوتون اڃان ڪي ٻيون آهن. جن جو مقصد نه رڳو سنڌ کي ٽوڙڻ آهي، پر ان جي اڻ مين خزانن جي لُٽ مار پڻ آهي. هيستائين ان لٽ مار وسيلي سنڌ جي خزانن ڊوهيو ويو آهي. جن جو فائدو صرف سنڌ کي ڇڏي ڪري، باقي سڀني کي ٿي رهيو آهي. سنڌ جو ڪوئلو سڌو سنئون پنجاب ۽ اسلام آباد وڃي رهيو آهي، ته سنڌ جي ڪوئلي مان تيار ٿيندڙ بجلي، سموري جي سموري پنجاب وڃي رهي آهي. جنهن مان هڪ يونٽ به سنڌ تي صرف نٿو ڪيو وڃي. جڏهن سموري جڙندڙ بجليءَ جي واهپي جي حقدار سنڌ آهي. پر سنڌ ۾ شهري حدن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ته ٻهراڙيءَ وارن لاءِ صرف 2 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي ۽ 22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ جي معدني وسيلن مان تيل ۽ گيس جي مالڪي پڻ وفاق قبضو ڄمايو ويٺو آهي. جنهن جو واهپو ٻين صوبن لاءِ ته آهي. پر اصل پيداوار ڏيندڙ سنڌ جي ماڻھن لاِءِ ڪونھي. ايڏو وڏو ظلم سنڌ سان ۽ ان جي اصل رهواسين سان ڪيو ويو آهي. جو انهن جو جياپو عذاب بڻايو ويو آهي. نه هو پنهنجي ڌرتيءَ کي ڇڏي ڪيڏانهن وڃي ٿا سگھن، نه ئي زندگي بنيادي حقن سان جي ٿا سگھن. اهڙيءَ صورت حال تي آخر سنڌ جا ماڻھو ڪيڏانهن وڃن؟ ڇا ڪن؟ جيڪڏهن ڪو دانهن جو در آهي، ته اهو به انهن قابضين جي هٿ وس آهي. جتان ڪوبه داد فرياد ٿيڻ جي ڪا اميد ڪانھي.
بس ان لاءِ هڪڙوئي گس باقي بچيو آهي. اهو آهي اسان جي ساڃاھ وندن جو. جيڪي پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان بي پناھ محبت جا دعويدار آهن. ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي شان، مان ڌن، مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ گھران سانباها ڪري نڪتا آهن. پنهنجيون تنطيمون، تحريڪون ۽ پارٽيون جوڙي ميدان عمل ۾ آهن. پر افسوس جو گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪي به خاطر خواه نتيجا حاصل ڪري نه سگھيا آهن. جنهن جو سبب اهو ٿو سمجھ ۾ اچي ته، هو پنهنجيون صلاحيون اڪيلي سر کپائي رهيا آهن. ڪابه گڏيل جدوجهد نه ڪرڻ ڪري پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيا آهن. وقت پنهنجيءَ رفتار سان هلندو رهي ٿو. اهو ڪنهن جو به انتظار نٿو ڪري. نه ئي ڪنهن جي لاءِ ساعت ڪا رڪيو آهي. تنهن ڪري وقت جي رفتار سان گڏ اسان کي عملي ميدان ۾ هلڻو پوندو. اهو به وقت جي تقاضا موجب.
هلندڙ وقت جي وڏي ۾ وڏي تقاضا آهي، ته اسين پاڻ ۾ اتحاد ۽ ايڪو قائم ڪريون. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٻڌي ڪريون ته ڪريون ڪيئن؟ هر ڪنهن جا مقصد جدا جدا آهن. هر ڪنهن جون گھرجون الڳ الڳ آهن. هر ڪنهن جون منزلون مختلف آهن. هر ڪنهن جا مول ۽ متا ڌار ڌار آهن. ته اهو ڪيئن طيءِ ٿي سگھي ٿو ته مختلف زاوين تي جوڙيل مول ۽ متا هڪٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اڳتي هلي سگھن.
ان لاءِ هڪ ئي حل آهي. اُهو اِهو ته جيڪي به تنظيمون سنڌ ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. انهن جا سربراهان پاڻ ۾ ڪنهن هڪ اهڙي شق تي گڏجن جيڪا سڀني جي مول متن ۾ شامل هجي. تنهن ۾ سنڌ جي خوشحالي، سنڌ جي مالڪي، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي، سنڌ جي خزانن جي رکوالي، سنڌ جي حدن جي نگراني وغيره اهڙيون ڳالھيون آهن. جيڪي هر سنڌ ڌرتيءَ جي حب ۾ قائم ڪيل تنظيم جون هڪجهڙيون آهن. ته پوءِ ڇونه انهن ڳالھين جي مٿان هڪ هنڌ گڏ ٿي سگھجي ٿو. ڇونه پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت جهڙي اهم مقصد تي هڪ ٿي سگھجي ٿو. اهو ايڏو وڏو اوکو عمل به ڪونھي جنهن تي ڪا وڏي مٿاخوريءَ جي ضرورت پوندي. نه ئي جنهن تي مهينن جا مهينا سوچڻو پوندو. بس! فقط ۽ فقط اسان جي اڳواڻ صاحبان کي هڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجيون انائون قربان ڪرڻيون پونديون. جڏهن اسان جا ساڻيهه جا ساٿي هڪ ٻئي کي پنهنجو ٻانهن ٻيلي سمجھندي هڪ پليٽ فارم تي بنا پنهنجي ذاتي لوڀ جي اچي گڏ ٿيندا ته ڀونءِ ڀلاريءَ جي جوڳي مالڪي ٿي پوندي ۽ ان جا وسيلا واھ وِکر ٿيڻ کان بچي پوندا، ان جو تيل ۽ گيس ڌرتي ڌڻين جي مرضيءَ موجب ڪنهن کي به لاڀ ڏيئي سگھندو. ان جو ڪوئلو ٿر جي ڏڪاريل ۽ ڏکايل عوام جي فلاح ۽ بهبود تي استعمال ٿي سگھندو. انهن جي ڏکن اهنجن کي سکن سهنجن ۾ بدلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھندو. ان مان نڪرندڙ تيل ۽ گيس ڌرتي ڌڻين کي آسائشن لاءِ وافر مقدار ۾ ملندو. ۽ هنن جا رڌ پچاءَ کان سواءِ متاثر ٿيندڙ ڪاروبار پڻ سهڻي نموني هلي سگھندا. جيڪي ديس جي ترقيءَ جي ضمانت آهن.
ٻڌيءَ جو اهم ڪارڻ وحدانيت سنڌ تي وار آهي. جيڪو ڪرڻ لاءِ ويرين جي تلوار لٽڪي رهي آهي. جنهن کي روڪڻ لاءِ سڀني سنڌ سڄڻ ذميوار فردن کي پنهنجو ڪردار عملي ميدان ۾ نباهڻو آهي. جنهن لاءِ هر هڪ پارٽي پنهنجو پنهنجو ڪم اڪيلي سِر ڪري رهي آهي. هر ڪو پنهنجي ڌرتيءَ جي دانهن پنهنجي تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪري رهيو آهي. هر پارٽيءَ جو ليڊر ماڻھن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيئي رهيو آهي. جنهن لاءِ انفرادي ۽ تنظيمي ڪوششون ڪري رهيو. ماڻھن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن بابت آگاهي ڏيئي رهيو آهي، ته جيئن هو پنهنجيءَ ڌرتيءَ لاءِ پڻ پنهنجي وت آهي حصو ملائين. ۽ جاني توڙي مالي ڪوششون شروع ڪن. جيستائين ڌرتيءَ جا مسئلا حل نٿا ٿين تيستائين سُک سان سمھڻ وساري ڇڏين.
اهڙين اڪيلي سِر ڪوششن کان ڇا اهو بهتر نه آهي. ته سڀني ساڃاھ وندن، مفڪرن، مدبرن، سياسي اڳواڻن، قومي پارٽين جي اڳواڻن کي پاڻ ۾ هڪ نئون پليٽ فارم جوڙي ان تي گڏ ٿي. پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين ۽ ڌرتي وسيلن

پهنجو تبصرو موڪليو