پشاور: (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته گڏيل طور تي هريپور کي خيبرپختونخواهه کان ڌار ڪري اسلام آباد ۾ شامل ڪرڻ جي اطلاع ملي آهي.پنهنجي بيان ۾ ايمل ولي خان چيو ته هريپور کي ڌار ڪرڻ صرف انتظامي تبديلي نه آهي، صوبي جي آئيني حقن جو سنجيده سوال آهي، ڇو ته هريپور ۽ صوابي ٻئي تربيلا ڊيم سان جغرافيائي طور سان جڙيل آهن ۽ تربيلا جي بجلي پيدا ڪندڙ جڳهيون سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود آهن. هن چيو ته هريپور کي ڌار ڪرڻ جا اثر پهريان واضح ڪرڻ ضروري آهن، انهي قدم سان آئين جي آرٽيڪل 161(2) جي تحت خيبرپختونخواهه جي خالص پن بجلي منافعي جي حقن تي اثر پوندو، واضح ڪيو ويندو ته انهي تبديلي سان صوبي جي اين ايف سي ۾ حصي تي ڪهڙا اثر پوندا.صدر اي اين پي وڌيڪ چيو ته تبديلي سان صوبي جي وسيلن، آبادي، ايراضي ۽ ترقياتي حق متاثر ٿيندا، خيبرپختونخواهه جي جغرافيائي حدن ۾ تبديلي صوبائي اسيمبلي جي منظوري کان سواءِ ممڪن نه آهي.هن جو چوڻ آهي ته آئين جو آرٽيڪل 239(4) انهي حوالي سان واضح آهي، انتظامي اصلاحات عوام جي سهولتن ۽ بهتر حڪمراني جي لاءِ هجڻ گهرجي، اصلاحات وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جي لاءِ هجن، صوبن جا حق غيريقيني بنائڻ جي لاءِ نه.هن جو چوڻ آهي ته آئين جو آرٽيڪل 239(4) انهي حوالي سان واضح آهي، انتظامي اصلاحات عوام جي سهوليت ۽ بهتر حڪمراني جي لاءِ هجڻ گهرجي، اصلاحات وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جي لاءِ هجي، صوبن جي حقن غير يقيني بنائڻ جي لاءِ نه.ايمل ولي خان مشورو ڏنو ته وفاقي حڪومت اهڙي ڪنهن به تجويز جا تفصيل پارليامينٽ جي سامهون رکي،تجويز جا قانوني بنياد ۽ مڪمل مالي، آئيني اثر عوام جي سامهون رکيا وڃن، خيبرپختونخواهه جي زمين، وسيلا ۽ آئيني حقن جو تحفظ گڏيل ذميواري آهي، حقن بابت ڪوبه فيصلو صوبي جي عوام ۽ آئيني نمائندن کي نظر انداز ڪري نٿو ڪري سگهجي.










