اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قرض جي رقم وفاقي سول پينشن نظام ۾ سڌارن لاءِ استعمال ڪئي ويندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پڌرائي موجب پاڪستان جا ساليانا وفاقي پينشن خرچ هڪ هزار ارب رپين کان وڌي ويا آهن، جڏهن ته 2016ع کان هينئر تائين پينشن خرچن ۾ لڳ ڀڳ 5 ڀيرا اضافو ٿيو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پينشن نظام کي مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن، جڏهن ته تجويز ڪيل سڌارن جو مقصد وفاقي پينشن نظام جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ آهي.اي ڊي بي موجب پينشن نظام ۾ سڌارن سان سرڪاري ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو ۽ ترقياتي منصوبن توڙي سماجي شعبن لاءِ وڌيڪ مالي گنجائش پيدا ٿيندي. پڌرائي موجب جولاءِ 2024ع کان ڀرتي ٿيندڙ وفاقي سرڪاري ملازمن کي نئين ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويندو، جنهن سان مستقبل ۾ حڪومت تي پينشن جو مالي بار گهٽ ٿيندو. ان کان علاوه پينشن نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان شفافيت وڌائڻ، ادائيگين جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ پينشن حاصل ڪندڙن ۾ نئين اسڪيم بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.










