سنڌ جو ٻچو ٻچو 29 نومبر  تي ڪراچي ايندو

سنڌ جو ٻچو ٻچو 29 نومبر تي ڪراچي ايندو

حيدرآباد:(ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ خطاب ڪندي چيو آھي ته سڀ کان پهرين 29 نومبر جو سڏ ڏنو، ايم ڪيو ايم وارن شرارت ڪري ساڳئي تاريخ جو سڏ ڏنو اسان ھر صورت ۾ ڪراچي ۾ گڏ ٿينداسين سنڌ جو ٻچو ٻچو 29 نومبر ڪراچي ايندو ۽ مختلف ضلعن مان ڪراچي ايندو اسان ھر صورتحال ۾ اچون پيا.ھن چيو ته محسن نقوي ڪير آھي ڪنھن ھن کي چونڊي اقتدار ۾ اماڻيو جيڪي ماڻھو چون سسٽم فيل آھي پوء اھي ماڻھو چون صوبا ٺاھيو ڇا سنڌ جا ماڻھو اھڙي فراڊ کي ائين برداشت ڪندا؟ سنڌ جو ورهاڱو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نه ڪنداسين اوھان ڏسو پيپلزپارٽي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، جڏهن ته اسان سنڌ جي بقا لاءِ وڙهي رهيا آهيون، پيپلزپارٽي کي خبر آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڦير ڦار ٿي ته سنڌ جا ماڻهو سندن سياست دفن ڪري ڇڏيندا، اسان ڪراچي ۾ احتجاج لاءِ سڀ کان پهرين 29 نومبر جو سڏ ڏنو، ايم ڪيو ايم وارن شرارت ڪري ساڳئي تاريخ جو سڏ ڏنو، اسان ڪنهن سان به نفرت نه ٿا ڪريون، سنڌ کي ماءُ سمجهندڙ پنجابي، پشتون ۽ ٻيا به ڌرتيءَ جا وارث آهن، ڪراچي سميت سنڌ جا اردو ڳالهائيندڙ به اسان جا آهن، هنن سان ته اسان جون مائٽيون به ٿيل آهن.ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته اڄڪلهه ملڪ ۾ نون صوبن بابت بحث ٿي رهيو آهي اهو اشارو پارليامينٽ کان ناهي مليو، اسٽيبلشمينٽ پردي پويان سياستدانن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، هن چيو ته صوبن بابت ريفرنڊم نه ڪرڻ ڏينداسين ۽ نه وري مڃينداسين، ڪنهن به صورت ۾ ڌرتي ماءُ جو ورهاڱو قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته مصطفي ڪمال جي ميئر شپ واري دور ۾ ڪراچي ۾ فلاحي پارڪن ۽ پلاٽن تي پلازا ۽ شادي هال ٺهي ويا، هن چيو ته افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي خلاف آهيون، افغانستان ۾ هاڻي امن ٿي ويو آهي، کين پنهنجي وطن اماڻيو وڃي.ان موقعي تي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ وڪيلن 29 نومبر ڪراچي واري سڏ جي آجيان ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ ھجڻ جو نعريبازي سان ثبوت ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو