شمن ميرالي ۽ مرڪ شاهه وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو

شمن ميرالي ۽ مرڪ شاهه وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو

حيدرآباد:(ن س) حيدرآباد جي سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ سجاد احمد کوسو جي عدالت ۾ سنڌ جي نالي واري راڳي شمن علي ميرالي ۽ سندس گهرواري مرڪ شاهه وچ ۾ تڪرار واري معاملي جي شنوائي دوران اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، عدالت ۾ شمن علي ميرالي جي پيشي جي موقعي تي سندس مداح پڻ وڏي انگ ۾ پهچي ويا، جڏهن ته گذريل شنوائي تي عدالت فيصلو محفوظ ڪندي اڄ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو،اڄ مرڪ شاهه جي عدالت ۾ پهچڻ بعد عدالت فيصلو ٻڌايو، جنهن کانپوءِ شمن علي ميرالي ۽ مرڪ شاهه ٻنهي ڄڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڻ ۾ ٺاهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي.ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته ٻنهي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ ۾ سندن نياڻي ۽ پٽ رياض اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته وڪيل گلزار احمد عالماڻي پڻ تصديق ڪئي ته ڌرين پاران لاڳاپيل ڪيسن تان هٿ کنيو ويو آهي.اهڙي ريت شمن علي ميرالي ۽ سندس گهرواري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو معاملو ٺاهه ذريعي حل ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو