سيٺارجا: زهريلي دوا پيئڻ سبب نوجوان فوت، گهر ۾ ڪھرام

سيٺارجا: زهريلي دوا پيئڻ سبب نوجوان فوت، گهر ۾ ڪھرام

سيٺارجا (ن س )سيٺارجا شهر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي زهريلي دوا پيئڻ سبب 20 ورهين جو نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. تفصيل موجب محلا حسين آباد جي سوجي پاڙي جو رهواسي هندو برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان راجيش ڪمار ولد مڪيش ڀيل گذريل رات مبينا طور زهريلي دوا پي ويو، جنهن سبب سندس حالت خراب ٿي وئي.نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران هن دم ڏنو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو