ٿري ايم پي او سميت مختلف ڪيسن جي ٻڌڻ تي هاءِ ڪورٽ جا اختيار محدود

ٿري ايم پي او سميت مختلف ڪيسن جي ٻڌڻ تي هاءِ ڪورٽ جا اختيار محدود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ، فوج گهرائڻ ۽ ٿري ايم پي او سان لاڳاپيل ڪيسن کانسواءِ پشاور هاءِ ڪورٽ آرٽيڪل 199 تحت ٻيا ڪيس ٻڌي سگهي ٿي. وفاقي آئيني عدالت ٿري ايم پي او ڪيس جي 16 نومبر واري ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو. حڪمنامي موجب، خيبرپختونخوا بار ڪائونسل ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڏني، جنهن تي درخواستگذارن جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. عدالت خيبرپختونخوا حڪومت جو جواب پڻ رڪارڊ تي آڻيندي 5 نومبر واري حڪمنامي جي پيراگراف نمبر 8 ۾ ترميم ڪئي. ٻئي طرف سردار لطيف کوسه ۽ بئريسٽر گوهر عدالت کي آگاهه ڪيو ته هنن ڌر بڻجڻ جون درخواستون پشاور رجسٽري ۾ جمع ڪرايون آهن. عدالت رجسٽرار آفيس کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ جون درخواستون ايندڙ ٻڌڻي تي مک ڪيس سان گڏ مقرر ڪيون وڃن، جنهن بعد ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو