حڪمراني جو نظام ناڪام نه ٿيو آهي، پر ان کي ناڪام بڻايو ويو آهي، بلاول

حڪمراني جو نظام ناڪام نه ٿيو آهي، پر ان کي ناڪام بڻايو ويو آهي، بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڱاري ڏينهن چيو آهي ته ملڪ ۾ حڪمرانيءَ جو نظام پاڻمرادو ناڪام نه ٿيو آهي، پر ان کي ڄاڻي واڻي ناڪام بڻايو ويو آهي.
هن اها ڳالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي ڪئي. گذريل ڪجهه مهينن دوران گهرو وزير محسن نقوي ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي تجويز ڏئي سياسي بحث کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومتي نظام ”ناڪام“ ٿي چڪو آهي ۽ ان کي ”ٻيهر ترتيب ڏيڻ“ جي ضرورت آهي.
محسن نقوي جي بيان جو حوالو ڏيندي بلاول چيو ته، ”ڪو به ان ڳالهه تي اعتراض نٿو ڪري ته نظام ناڪام ٿيو آهي، پر ان ڳالهه تي ڪو بحث يا گفتگو نٿي ٿئي ته اهو ناڪام ڇو ٿيو.“ هن چيو ته تجويز ڪيل حل ان بيماريءَ جو حقيقي علاج نه هو، جنهن سبب اسان جو نظام ناڪام ٿيو.
ڀٽو خاندان جي وارث بلاول چيو ته، ”جيڪڏهن اسان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ خلاف جنگ تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي لازمي طور اهو طئي ڪرڻو پوندو ته نظام ڇو ناڪام ٿيو.“
بلاول زور ڏيندي چيو ته نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ ”يقيناً ضروري“ آهي، پر هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اها سياسي بنيادن تي ٿيڻ گهرجي. بلاول چيو ته، ”سياسي ڇو؟ ڇو ته سياستدان عوام جا نمائندا آهن، ۽ جيڪڏهن سياستدان پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا ته اهي بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهندا.“
هن چيو ته، ”منهنجي خيال ۾ نظام ناڪام نه ٿيو آهي، پر ان کي ناڪام بڻايو ويو آهي.“ ان موقعي تي هن ان معاملي ۾ پنهنجي ڪردار جو به اعتراف ڪيو.
هن سوال ڪيو ته، ”هر ڪنهن کان غلطيون ٿينديون آهن، پر هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن انهن غلطين کي درست ڪرڻو پوندو آهي. اسان انهن کي ڪيئن درست ڪريون؟“
هن چيو ته رياستي ادارا پنهنجو ”جواز ۽ عوامي اعتماد“ وڃائي چڪا آهن، تنهنڪري انهن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
بلاول فضل الرحمان جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ واري حق جي حمايت ڪري ڇڏي
بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو به دفاع ڪيو، ڇاڪاڻ ته تازن هفتن ۾ حڪومت ۽ جي يو آءِ سربراهه وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.
گذريل مهيني فضل الرحمان ۽ وفاقي وزيرن وچ ۾ سخت بيانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. جي يو آءِ سربراهه الزام لڳايو هو ته وفاق، صوبن کي انهن جي حقن کان محروم ڪري رهيو آهي.
اهي واقعا ان کانپوءِ پيش آيا، جڏهن فضل الرحمان، پي ٽي آءِ جي حڪومت واري خيبر پختونخوا ۾ وفاق طرفان گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي تنقيد ڪندي مخالف ڌر جو ساٿ ڏنو. هن وفاقي ۽ خيبر پختونخوا حڪومتن وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي پنهنجي ڪوششن دوران وفاق تي واعدن تان ڦرڻ جو الزام پڻ لڳايو هو.
پنهنجي خطاب ۾ بلاول چيو ته پارليامينٽ ۾ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ مخالف ڌر جو ڪردار آهي. بلاول چيو ته، ”حڪومت تي تنقيد ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي ۽ هو (فضل الرحمان) جنهن به طريقي سان ائين ڪري ٿو، اهو سندس حق آهي.“
بلاول چيو ته پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ”سڀ کان وڌيڪ حب الوطنيءَ وارو“ هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته، ”ڪنهن به حڪومت طرفان مخالف ڌر جي ڪنهن ميمبر جي حب الوطنيءَ تي سوال اٿارڻ، نه رڳو ان پارليامينٽ يا نظام سان ناانصافي آهي، پر ملڪ سان سڀ کان وڏي ناانصافي آهي.“
هن چيو ته پارليامينٽ اندر اختلافِ راءِ جمهوريت جي ”خوبصورتي ۽ طاقت“ آهي.
بلاول ٻيهر چيو ته، ”جيڪڏهن اسان نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ چاهيون ٿا ته سياسي سڌارا ڪرڻا پوندا ۽ ان جي شروعات پارليامينٽ مان ٿيڻ گهرجي.“ هن چيو ته مخالف ڌر جو نظام تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته، ”انهن وٽ پارليامينٽ جي ڪارڪردگيءَ تي اعتماد وڃائڻ جا حقيقي سبب آهن ۽ اسان سڀني کي اهو اعتماد ٻيهر بحال ڪرڻو پوندو.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”حڪومت اها اميد نٿي رکي سگهي ته مخالف ڌر حڪومت جي هر فيصلي تي تاڙيون وڄائيندي.“
بلاول چيو ته، ”جڏهن مخالف ڌر جو ڪو ميمبر تقرير ڪري ٿو ته اوچتو اوهان ان جي پٺيان قومي احتساب بيورو (نيب) لڳائي ڇڏيو ٿا ۽ سندس پٽن کي گرفتار ڪيو ٿا، جڏهن ته ان کان اڳ اهڙي ڪا ڳالهه نظر نه ايندي هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”هاڻي اوچتو سندن گهر جي چوڌاري قبضي جو معاملو سامهون اچي ويو آهي.“ اهو بيان بظاهر ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) طرفان جي يو آءِ سربراهه جي رهائشگاهه تي ”غيرقانوني اڏاوت“ بابت تازو جاري ڪيل نوٽيس ڏانهن اشارو هو.
هن چيو ته، ”اهو ئي سبب آهي جو نظام ناڪام ٿيو آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”اوهان پاڻ ان کي ناڪام بڻائي رهيا آهيو.“ هن وفاق تي زور ڀريو ته فضل الرحمان جي تنقيد کي سنجيدگيءَ سان ٻڌي.
بلاول اهو به چيو ته چونڊن دوران ڌانڌليءَ جا الزام اڪثر سامهون ايندا رهيا آهن.
هن چيو ته، ”مان گذريل 20 سالن کان سياست ۾ آهيان ۽ عام طور تي ڏٺو اٿم ته مخالف ڌر ٻئي ڌر تي ڌانڌليءَ جو الزام لڳائيندي آهي ۽ حڪومت ان جي ترديد ڪندي آهي. پر پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهيان ته حڪومت جي اندر جا ماڻهو پاڻ چئي رهيا آهن ته ڌانڌلي ٿي آهي.“
مخصوص سيٽن ۽ چونڊ نشان سان ٿيندڙ ”ناانصافيون“
چونڊ سڌارن جي پنهنجي مطالبي کي ورجائيندي بلاول پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جو پارليامينٽ تي اعتماد بحال ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
هن چيو ته، ”جيڪڏهن اسان نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ ۽ پارليامينٽ کي فعال ڪرڻ چاهيون ٿا ته انتقامي ڪارروايون بند ڪرڻيون پونديون. آخر اوهان ڪيترو انتقام وٺندا؟“
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته نه رڳو انتقامي ڪارروايون بند ٿيڻ گهرجن، پر ”پاڪستان جي سياست ۾ شامل ڪيل انتقام جي روايت“ کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ گهرجي.
هن پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي هڪ تقرير جو حوالو پڻ ڏنو، جنهن ۾ هن سوال ڪيو هو ته ڇا ”اسان ڪيڙا ماڪوڙا آهيون؟“
بلاول مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪو به سياسي قيدي نه هجڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ موجب نظام جي ڪارڪردگيءَ لاءِ اهو ضروري آهي.
هن طنزيه انداز ۾ چيو ته، ”هي ڪهڙو عجيب ملڪ آهي؛ 1947ع کان وٺي جيڪو به وزيراعظم بڻجي ٿو، اهو جيل وڃي ٿو ۽ جيڪو جيل مان ٻاهر اچي ٿو، اهو وزيراعظم هائوس ۾ ويهي ٿو.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”اوهان پهرين اسان جي چيلهه ڀڃو ٿا ۽ پوءِ پڇو ٿا ته اوهان ڪري ڇو پيا؟“ هن زور ڏنو ته سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻو پوندو.
پيپلز پارٽي جي سربراهه چيو ته ڪجهه اهڙيون ”ناانصافيون“ ڪيون ويون آهن، جن کي درست ڪرڻ سان مخالف ڌر جو اعتماد جلد بحال ٿي سگهي ٿو.
پي ٽي آءِ ڏانهن اڻسڌيءَ طرح اشارو ڪندي بلاول 1988ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کان چونڊ نشان واپس وٺڻ جو واقعو ياد ڪيو ۽ چيو ته، ”ڪنهن پارٽيءَ کان ان جو چونڊ نشان واپس وٺڻ عوام سان مذاق ڪرڻ برابر آهي. عوام ان روايت ۽ عمل کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ انهن چونڊن ۾ اوهان کي پنهنجي ردعمل ذريعي جواب ڏنو هو.“
ان کانپوءِ حڪمران اتحاد جي موقف کان مختلف موقف اختيار ڪندي بلاول چيو ته، ”مخصوص سيٽن بابت جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو هڪ مذاق هو.“ هن چيو ته مخالف ڌر کي نه رڳو انهن سيٽن کان محروم ڪيو ويو، پر ”حڪومتي بئنچن تي ويٺلن به اهي سيٽون پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيون.“
2024ع جي چونڊن ۾ چونڊ نشان نه هجڻ سبب پيدا ٿيل صورتحال جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کان محروم ٿي وئي هئي. سپريم ڪورٽ ان پارٽيءَ کي انهن سيٽن جي اهل قرار ڏنو هو. پر بعد ۾ 26هين آئيني ترميم ذريعي قائم ڪيل آئيني بئنچ، مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي اهو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
بلاول چيو ته، ”انهن ئي مخصوص سيٽن جي بنياد تي، جيڪي اوهان جون نه هيون، اوهان هڪ ڀيرو نه پر ٻه ڀيرا آئيني ترميمون ڪيون ۽ هاڻي ٽين ترميم آڻڻ جو سوچي رهيا آهيو.“
هن ڌانڌليءَ بابت خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ پارٽيءَ کي ان جو چونڊ نشان واپس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ته جيئن ان جي پنهنجي سڃاڻپ بحال ٿي سگهي.
بلاول چيو ته، ”اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ هڪ قدم اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان بنا ڪنهن اڳواٽ شرط جي مخالف ڌر کي مخصوص سيٽون واپس ڪريون، ڇو ته اهي انهن جو حق آهن.“ واضح رهي ته مخصوص سيٽن واري ڪيس مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ بلاول جي پارٽي پيپلز پارٽي به شامل هئي.
هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت موجب آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي اسان جي اندروني خواهش پوري ٿي وئي آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ان عدالت کي عوام جو اعتماد حاصل آهي؟
هن وڌيڪ چيو ته، ”جيڪڏهن وڪيلن ۽ ججن کي پاڻ ئي عدالتن تي اعتماد ناهي ته پوءِ نظام ناڪام نه ٿيو آهي، پر ان کي ناڪام بڻايو ويو آهي.“
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته هو اهڙن قدمن کي واپس وٺڻ جو مطالبو نه ڪري رهيو آهي، پر وڌيڪ اتفاقِ راءِ چاهي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته 26هين آئيني ترميم ”مڪمل اتفاقِ راءِ نه سهي، پر ٻنهي ڌرين جي اتفاق سان“ منظور ڪئي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته فضل الرحمان ذريعي مخالف ڌر جي راءِ به شامل ڪئي وئي هئي.
27هين آئيني ترميم بابت بلاول چيو ته اها ”نه سياسي اتفاقِ راءِ سان منظور ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻنهي ڌرين جي ٺاهه سان؛ پر ان کي اڪثريتي طاقت جي زور تي منظور ڪيو ويو.“
هن عدالتي سڌارن بابت مخالف ڌر سان ڳالهين جو مطالبو ڪيو ۽ ان کي ”سياسي، عوامي ۽ جمهوري نظام جي نئين سر جوڙجڪ“ لاءِ ضروري قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته اهڙي تبديليءَ کانسواءِ عوام جا مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙا اهم مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.
وفاقي حڪومت کي نظام جي نئين سر جوڙجڪ بابت فيصلو ڪرڻ گهرجي
بلاول هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي حڪومت تي پڻ زور ڀريو ته اها حڪمرانيءَ جي نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ بابت پنهنجو موقف سامهون آڻي.
پنهنجو طريقو بيان ڪندي هن چيو ته، ”جنهن سياسي سڌاري جي ڳالهه مون ڪئي آهي، ان بابت اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ چاهيندس ته پهرين پنهنجي پارٽيءَ اندر ان تي اتفاقِ راءِ پيدا ڪريون، جيئن ٻين سياسي پارٽين سان به ڳالهه ٻولهه ڪري سگهون.“ وفاقي حڪومت بابت بلاول چيو ته، ”مون کي خبر ناهي ته اهي ڇا سوچي رهيا آهن.“
گهرو وزير جي ان بيان ڏانهن بظاهر اشارو ڪندي، جنهن ۾ هن چيو هو ته هو بلاول سان ”هڪ ئي صفحي“ تي آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته، ”مون ٻڌو هو ته اسان هڪ ئي صفحي تي آهيون، ۽ جيڪڏهن اسان واقعي انهيءَ صفحي تي آهيون ته پوءِ ان کان بهتر ٻي ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي.“
بلاول چيو ته گذريل ڪجهه مهينن کان ملڪ ۾ هڪ اهڙو بحث ”زبردستي“ هلايو پيو وڃي. هن سوال ڪيو ته، ”جڏهن ڪابينا به ان معاملي تي بحث نه ڪيو هو، ته پوءِ پارليامينٽ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پوءِ وفاقي وزير پنهنجي مرضيءَ سان ان بابت ڪيئن ڳالهائي رهيا آهن؟“
ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته هو اهو سمجهڻ چاهيندو ته وزيراعظم شهباز شريف کي پنهنجن وزيرن تي ”ڪافي اختيار“ حاصل هجڻ گهرجن.
هن چيو ته، ”اوهان پنهنجي ئي وزيراعظم کي ڪمزور ڪري رهيا آهيو ۽ پوءِ شڪايت ڪريو ٿا ته نظام ناڪام ٿي ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اها ناانصافي آهي.“
هن چيو ته سندس پارٽي ان معاملي تي ڪنهن به بحث ۽ اتفاقِ راءِ جي آجيان ڪندي، پر سندس اشارو هو ته شايد غور ويچار ۽ اتفاقِ راءِ حڪومت جي ايجنڊا ۾ شامل ئي نه هجن.
بلاول چيو ته پارليامينٽ کان ٻاهران ”تجويزون“ اچي رهيون آهن، جيڪي سندس خيال ۾ ان ڳالهه جو ”واضح اشارو“ آهن ته پارليامينٽ، عوام ۽ ڪابينا جي راءِ کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي ۽ رڳو پٺئين دروازي وارو رستو استعمال ڪرڻ چاهيو وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته، ”اڄ ڏينهن تائين نه وزيراعظم ۽ نه ئي ڪنهن صوبي جي هڪ به ميمبر اهو معاملو پاڪستان جي صدر يا مون سان اٿاريو آهي.“
ريفرنڊم ”غيرآئيني قدم“ آهي
انتظامي يونٽ ٺاهڻ بابت ريفرنڊم ڪرائڻ جي گهرو وزير جي تجويز تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين ان قدم جي پٺيان موجود ”نيت“ ڏانهن اشارو ڪيو.
بلاول چيو ته، ”اسان جي تاريخ ۾ ريفرنڊم هميشه غيرجمهوري عمل لاءِ ڪرايو ويو آهي، ڪڏهن به جمهوري عمل لاءِ نه.“ هن چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ انتظامي يونٽ ٺاهڻ بابت لاڳاپيل شقون موجود آهن ته پوءِ ريفرنڊم ڪرائڻ جي تجويز جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان غيرآئيني طريقو اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين اهڙي ڪنهن به ”غيرآئيني“ قدم جي مخالفت ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
بلاول سنڌ جي ”ڪنهن به زبردستيءَ واري ورهاڱي“ جي به مخالفت ڪئي. هن خبردار ڪيو ته جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي نوان صوبا ٺاهڻ جي حمايت ڪري ٿي، پر اها ڪنهن به ”زبردستيءَ واري جدائي“ جي خلاف آهي.
هن خبردار ڪندي چيو ته، ”اسان ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ ڪچري جي ڳالهه ڪريون ٿا، پر جيڪڏهن سنڌ کي ورهايو ويو ته اسان ان جي گهٽين ۾ رت وهندي ڏسنداسين.“
نون صوبن جي قيام بابت ڪنهن ٺاهه جي امڪان بابت سوال تي بلاول ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهاڱي خلاف ڪيترائي ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي.
هن چيو ته، ”هن معاملي تي وڌيڪ بحث سنڌ جي عوام جي منهن تي چماٽ هڻڻ برابر آهي.“ بلاول حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته، ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته محسن ڀاءُ ڇا ڪرڻ چاهي ٿو.“ پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته وفاق هن معاملي تي ساڻس ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي.
18هين آئيني ترميم واپس وٺڻ جي امڪان بابت ڳالهائيندي بلاول چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کي 585 ارب رپيا مالي سهائتا طور سرپلس ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته، ”قومي سلامتيءَ جي مد ۾ 260 ارب رپين جا عطيا ڏنا ويا آهن.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”مان ته صوبي جي جائز حصي، پيٽروليم ليوي ۽ گئس ليوي کي به ڳڻپ ۾ شامل نٿو ڪريان؛ رڳو پيٽروليم ليوي جي رقم لڳ ڀڳ 1.7 ٽريلين رپيا آهي.“
هن چيو ته، ”اوهان صوبي جي کيسي مان پئسا ڪڍندا، اسان جا وسيلا ڦريندا ۽ پوءِ اچي اسان کان پڇندا ته رستا ٽٽل ڇو آهن ۽ اسڪول يا اسپتالون ڇو ناهن ٺاهيون ويون؟“
بلاول وفاق تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو صوبو 585 ارب رپيا سرپلس، قومي سلامتيءَ لاءِ 260 ارب رپيا ۽ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1.7 ٽريلين رپيا ڏئي رهيو آهي ته پوءِ عوامي خرچن ۾ کوٽ جو ذميوار صوبائي حڪومت بدران وفاقي حڪومت کي قرار ڏيڻ گهرجي.
پنهنجي خطاب دوران بلاول اهو به چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻيءَ واري وفاقي حڪومت نون صوبن جي معاملي تي پيپلز پارٽي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي. هن سوال اٿاريو ته پوءِ ميڊيا ذريعي هن معاملي تي بحث ڇو ڪرايو پيو وڃي؟
بلاول چيو ته هن وزيراعظم شهباز شريف کي دعوت ڏني آهي ته هو عوامي مسئلن تي سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪري. هن اها تجويز پڻ ڏني ته وزيراعظم پنهنجي ڪابينا جا اجلاس هر صوبي ۾ منعقد ڪري.
نون صوبن بابت پيپلز پارٽي جو موقف ورجائيندي بلاول زور ڏنو ته هڪ سياسي خاندان جي ايندڙ نسل سان تعلق رکندڙ سياستدان جي حيثيت ۾ هو عوام جي خواهش موجب قدم کڻڻ چاهيندو.
هن چيو ته، ”اهي ماڻهو، جن وٽان اهي تجويزون اچي رهيون آهن، انهن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ به چونڊ ناهي کٽي. ايندڙ چونڊن ۾ به سندن ڪاميابيءَ جا امڪان ناهن. اهي ايندڙ چونڊن ۾ هڪ ووٽ به حاصل ڪن يا نه، تڏهن به وزير، وزيراعظم يا وڏو وزير بڻجي ويندا.“ هن وڌيڪ چيو ته هر ڌر پنهنجي حالتن ۽ مفادن موجب موقف اختيار ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو