گڊاپ، ڪچو تيل چوري ڪندڙ 5 جوابدار گرفتار

گڊاپ، ڪچو تيل چوري ڪندڙ 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پوليس گڊاپ واري علائقي ۾ سرڪاري پارڪو آئل لائين مان ڪچو تيل چوري ڪندڙ پنج جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدارن آئل لائين تائين پهچڻ لاءِ لڳ ڀڳ 200 فوٽ ڊگهي ڳجهي سرنگ ٺاهي هئي، جنهن ذريعي پائيپ لائين ۾ لوهه جو ڪلپ لڳائي پريشر پائيپ ۽ پلاسٽڪ پائيپ جوڙيو ويو هو.جوابدار چوري ڪيل تيل ٽينڪرن ۾ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس کين رنگي هٿين گرفتار ڪري ورتو.پوليس هڪ آئل ٽينڪر ۽ ٽرڪ پڻ هٿ ڪئي آهي، جڏهن ته چوري ڪيل تيل جي فراهميءَ بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو