ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران هاڪاري رجحان برقرار رهيو، ڪاروبار جي شروعات تي 1200 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزيءَ سبب 100 انڊيڪس هڪ لک 79 هزار 450 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو.واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي 100 انڊيڪس 309 پوائنٽن جي واڌ سان هڪ لک 78 هزار 182 پوائنٽن تي بند ٿيو هو.










