بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهي آهيان: فريال ٽالپر

بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهي آهيان: فريال ٽالپر

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهي آهي.صحافين سان ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته پنجاب ۾ اڄ به پيپلز پارٽي لاءِ سياسي گنجائش موجود آهي، بلدياتي چونڊن جي تياري ڪرڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته هوءَ پنهنجي والد جي ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر هئي، پر کيس جيل ۾ وڌو ويو. عورتن کي جيل ۾ نه هجڻ گهرجي.ڪراچي بابت ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته ڪراچي تمام وڏو شهر آهي، جتي گهڻو ڪم ٿيو آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا ڏکڻ پنجاب به اوترو ئي ترقي يافته آهي، جيترو لاهور آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو