لاهور)ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي نائب امير ۽ ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي سربراهه لياقت بلوچ چيو آهي ته حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جو آخري دور 19 نومبر تي پرڏيهي وزارت جي وائيٽ روم ڪانفرنس هال ۾ ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي سربراهه لياقت بلوچ سان رابطو ڪيو، جنهن دوران حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ جاري ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.لياقت بلوچ ٻڌايو ته ڳالهين کانپوءِ حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ امڪاني ٺاهه جو مسودو حڪومتي ڌر وٽ موجود آهي.هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم عوام کي رليف ڏيارڻ واري جدوجهد کي اهميت ڏيندا ۽ عوامي ڏکيائين جي حل لاءِ هاڪاري اڳڀرائي ٿيندي.جماعت اسلامي جي نائب امير چيو ته سندس جماعت احتجاج ۽ ڳالهين، ٻنهي طريقن سان غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي.










