ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني ڊراما انڊسٽريءَ جي بي تاج بادشاهه ۽ منفرد اداڪاريءَ جي مالڪ ليجنڊ اداڪار شفيع محمد شاهه کي مداحن کان وڇڙي 19 سال گذري ويا، پر سندس ادا ڪيل ڪردار اڄ به ڏسندڙن جي دلين ۾ زنده آهن.1949ع ۾ سنڌ جي شهر ڪنڊياري ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد شاهه پنهنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي، جنهن کانپوءِ پي ٽي وي جي اسڪرين تي پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ بارعب آواز سان لازوال نقش ڇڏيا.’چاند گرهن‘، ’آنچ‘، ’ماروي‘ ۽ ’جانگلوس‘ جهڙن يادگار ڊرامن ۾ سندس اداڪاري اڄ به فن جي شاگردن لاءِ مشعل راهه آهي. فني خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان کيس تمغه حسن ڪارڪردگيءَ سان پڻ نوازيو هو.17 نومبر 2007ع تي ڪينسر جهڙي موذي مرض سان وڙهندي هو لاڏاڻو ڪري ويو. شفيع محمد شاهه اڄ اسان ۾ موجود ناهي، پر سندس لازوال اداڪاري ۽ سحرانگيز آواز سدائين گونجندو رهندو.










