6 ملڪ اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم

غزه (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ڪينيڊا پنهنجي گڏيل بيان ۾ اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. اهڙو بيان آمريڪي صدر جوبائيڊن جي اتحادي اڳواڻن سان ٽيليفون تي ڳالهين کان پوءِ سامهون آيو آهي.بيان ۾ اسرائيل کان عالمي قانون جي پاسداري ۽ شهرين جي تحفظ تي به زور ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف اسرائيل حملا روڪڻ کان انڪار ڪري ڏيو آهي. اسرائيلي ملٽري فوج جي عهديدار چيو آهي ته آمريڪا طرفان جنگ ملتوي ڪرڻ جي مطالبي کان آگاهه نه آهيون. انساني امداد کي حماس کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رنڊڪ بنجڻ نه ڏنو ويندو.رات دير سان اسرائيلي فضائيه غزه تي وڌيڪ بمباري ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 4 هزار 7 سئو کان وڌي ويو آهي. شهيدن 40 سيڪڙو معصوم ٻار به شامل آهن.غزه ۾ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي جي استادن سميت 29 گڏيل قومن جا اهلڪار به شامل آهن. اسرائيلي بمباري سبب غزه جون 31 مسجدون به شهيد ٿيون آهن.اسرائيلي ٽينڪ رفع ڪراسنگ ويجهو مصري چيڪ پوسٽ کي به نشانو بنايو جنهن سبب امدادي سامان جي ورهاست ڪجهه دير جي لاءِ روڪي وئي. جڏهن ته رفع ڪراسنگ کان امدادي سامان جي ٽرڪن جو ٻيو قافلو غزه ۾ داخل ٿي ويو آهي. قافلي ۾ امدادي سامان جون 17 ٽرڪون به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو