ڪير ڪيڏو به طاقتور هجي پر انسان آخر فنا!

ليکڪ ذوالفقار قادري
آمر جنرل پرويز مشرف هي فاني جهان ڇڏي ويو. جنرل پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي هندستان جي راڄڌاني دهلي شهر ۾ گولچا سينيما جي پويان واري علائقي ”نهر والي“ سڙڪ تي واقع رهندڙ مشرف الدين جي گهر ۾ ڄائو. مشرف الدين فارين سروس ۾ اڪاؤنٽنٽ جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، مشرف الدين قيام پاڪستان وقت پنهنجي زال ۽ ٽن پٽن سميت پاڪستان هجرت ڪري آيو. قيام پاڪستان وقت صدر جنرل پرويز مشرف جي عمر صرف چار سال هئي. صدر جنرل پرويز مشرف جي ماءُ به هڪ لکيل پڙهيل خاتون آهي. هوءَ دهليءَ جي هڪ اعليٰ تعليمي اداري مان لٽريچر ۽ ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري چڪي آهي. هوءَ ڪيترا سال ڪراچي ۾ انساني حقن واري تنظيم جي هڪ شعبي انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان وابسته رهي. جنرل پرويز مشرف ابتدائي تعليم ترڪيءَ جي شهر انقراهه ۾ حاصل ڪئي، ان کان علاوه ڪراچيءَ جي سينٽ پيٽرڪس اسڪول ۽ لاهور جي فارمين ڪرسچن اسڪول ۾ به پڙهيو. 1961ع ۾ جنرل پرويز مشرف پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ شموليت ڪئي. 1964ع ۾ ايلائٽ آرٽيلري رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪيائين. ان بيچ ۾ ليفٽيننٽ جنرل علي قلي خان بعد ٻئين پوزيشن جنرل مشرف حاصل ڪئي. 1965ع واري پاڪ -ڀارت جنگ دوران نوجوان آفيسر طور کيم ڪرن، سيالڪوٽ ۽ لاهور جي محاذن تي ويڙهه ۾ به حصو ورتائين، جتي هن هڪ خودڪار آرٽلري دستي جي ڪمان ڪئي. بعد ۾ هو پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊو فورس SSG) Special Services Group) ۾ شامل ٿي ويو. 1971ع جي جنگ ۾ به ڪمپني ڪمانڊر جي حيثيت ۾ هڪ ڪمانڊوز بٽالين جي قيات ڪيائين. بعد ۾ انفينٽري برگيڊ ۽ آرٽلريءَ ۾ آرمڊ ڊويزن جي به ڪمانڊ ڪيائين. 1998ع ۾ وزير اعظم نواز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت درميان اختلافن بعد جڏهن جنرل جهانگير ڪرامت رٽائرمينٽ ورتي ته ليفٽيننٽ جنرل پرويز مشرف کي 7 آڪٽوبر 1998ع تي ڪجهه سينيئر ليفٽيننٽ جنرل کي Supersede ڪري فل جنرل جي رينڪ تي ترقي ڏئي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو ويو. وزير اعظم نواز شريف هن کي 9 اپريل 1999ع تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي اضافي چارج به ڏني. جنرل پرويز مشرف 28 ڊسمبر 1968ع ۾ جڏهن ميجر جي رينڪ تي فائز هو، تڏهن صهبا نالي ڇوڪري سان ارينج ميرج ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار ٿيا. انهن مان هڪ ڌيءُ عائله جيڪا آرڪيٽڪٽ جي شعبي سان وابسته آهي ۽ ڪراچي ۾ رهي ٿي، ٻيو پٽ بلال جيڪو آمريڪي رياست بوسٽن ۾ رهي ٿو. جنرل پرويز مشرف جا ٻيا ٻه ڀائر جاويد ۽ ڊاڪٽر نويد اٽلي ۽ آمريڪا ۾ رهن ٿا. جاويد اٽلي جي شهر روم ۾ انٽرنيشنل فنڊ فار ايگريڪلچر ڊولپيمنٽ ۾ ايڪانمسٽ جي عهدي تي فائز آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر جاويد آمريڪي رياست الينائز ۾ هڪ فلپائني خاتون سان شادي ڪري بزنس سان وابسته آهي.
12 آڪٽوبر جي ڪارروائي:
3 فيبروري 1997ع وارين چونڊن ۾ ”ڀاري مينڊيٽ“ کڻي جيئن ئي ميان نواز شريف وزير اعظم ٿيو ته، ان ”ڀاري مينڊيٽ“ ميان صاحب کي غرور ۾آڻي ڇڏيو. سڀ کان پهريائين وزير اعظم نواز شريف حزب اختلاف خلاف ڪارروائيون ڪندي پنهنجي رائيٽ هينڊ منسٽر سيف الرحمان هٿان احتساب سيل جوڙائي قائد حزب اختلاف بينظير ڀٽو ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن خلاف مختلف ڪيس داخل ڪرائي انتقامي ڪارروائيءَ جو آغاز ڪيو. حزب اختلاف کي سوڙهو ڪرڻ بعد وزير اعظم نواز شريف پارليامينٽ جي بالادستي تي وار ڪندي ڪئين بل بحث کان سوا چند لمحن ۾ پاس ڪرايا. ان سان گڏ اهو حڪم به صادر ڪيائين ته مسلم ليگ جو جيڪو ميمبر حڪومتي بل جي مخالفت ڪندو، اهو پارليامينٽ جي رڪنيت کان الڳ ڪيو ويندو. ڄڻ ٻئي طريقي سان پارٽيءَ اندر هڪ آمريت مڙهي وئي. پارليامينٽ بعد هن ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۽ ملڪ جي صدر سان مهاڏو اٽڪايو، جنهن جي نتيجي ۾ صدر فاروق لغاري ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي پنهنجا عهدا ڇڏڻا پيا.

Writer, Zulifqar Ali Qadri

پنهنجي ان غرور جو رخ هاڻي ميان نواز شريف پاڪستان جي هٿياربند فوج ڏانهن تبديل ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت پاران ملڪ جي نظام تي نظرداري خاطر سيڪيورٽي ڪائونسل جي قيام واري راءِ کي وزير اعظم ميان نواز شريف حڪومتي معاملن ۾ مداخلت سمجهندي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت کي ايترو سوڙهو ڪيو جو جنرل جهانگير ڪرامت، وزير اعظم سان مهاڏو اٽڪائڻ بجاءِ قبل ازوقت رٽائرمينٽ وٺي چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڇڏي ڏنو. وزير اعظم نواز شريف پنهنجي صوابديدگيءَ جا آئيني ختيار استعمال ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۾ (War Strategy) طور اهميت جوڳي ڪور ون منگلا جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل پرويز مشرف کي سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن رحمدل ڀٽي، ليفٽننٽ جنرل علي قلي خان ۽ ليفٽننٽ جنرل خالد نواز کي Supersede ڪندي فل جنرل جي رينڪ تي ترقي ڏئي کيس نئون چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو. چون ٿا ته، شروعاتي ڪجهه وقت ته وزير اعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جا تعلقات بهتر رهيا، پر جڏهن ڪارگل ۽ دراس واري محاذ تي مبينه طور پاڪستان ۽ هندستان جي فوجن درميان جهڙپن بعد آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي مداخلت بعد ٿيل جنگ بندي ۽ محاذ تان فوجن جي واپسي تان وزير اعظم نواز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف درميان اختلافن جو آغاز شروع ٿيو. ڪارگل واقعي ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ٿيندڙ جاني نقصان جو ذميوار وزير اعظم نواز شريف طرفان ڪارگل محاذ جي غلط رٿابندي ڪندڙن تي مڙهيو ويو، جڏهن ته عسڪري ذريعا وزير اعظم پاران جلد بازي ۾ جنگ بندي ڪندي هٿياربند فوج کي محاذ تان واپس گهرائڻ واري اعلان کي غلط ڪوٺيندا رهيا. اهڙي صورتحال ڏسندي وزير اعظم نواز شريف فوج اندر پنهنجو حلقو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت اعظميٰ واري دور ۾ مشهور اٽڪ سازش ڪيس جي سزا يافته هڪ ڪردار ۽ نواز ڪابينا ۾ وفاقي وزير طور مقرر ميجر (رٽائرڊ) نادر پرويز جي ويجهي عزيز ۽ ڪوئيٽا جي ڪور ڪماندر ليفٽيننٽ جنرل طارق پرويز عرف جنرل ٽي پي انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل خواجه ضياءُ الدين بٽ، وفاقي وزير چوڌري نثار جي ڀاءُ سيڪريٽري ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) افتخار علي خان ۽ ٻين سان واسطا وڌايا. چيو ٿو وڃي ته ڪوئيٽا جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل طارق پرويز جنرل هيڊ ڪواٽر اندر چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف جي زير صدارت ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ فارميش آفيسرن جي اجلاسن جون خبرون خفيه طور وزير اعظم نوز شريف کي پهچائيندو هو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڪوئيٽا جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل طارق پرويز جي ايڇ ڪيو مان سڌو سنئون وزير اعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ته ان معاملي ويتر حالتن کي بگاڙي ڇڏيو. رد عمل طور آرمي چيف جنرل پرويز مشرف، ڪوئيٽا جي ڪور ڪمانڊر طارق پرويز کي قبل از وقت فوج مان رٽائر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. وزير اعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي اهڙي رويي کان تنگ ٿي کيس عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
نواز شريف 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن دبئيءَ کان واپس اسلام آباد پهتو ته انهيءَ ڏينهن ٺيڪ ٽئين بجي منجهند جو سيڪريٽري ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) افتخار علي خان ۽ وزير اعظم جي پرنسيپل سيڪريٽري سعيد مهدي کي وزير اعظم هائوس گهرائي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف جي برطرفي ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل خواجه ضياءُ الدين بٽ کي فور اسٽار جنرل جي رينڪ تي ترقي ڏئي هٿياربند فوج جي نئين چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري جو آرڊر ٽائيپ ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هوڏانهن پرڏيهه ويل جنرل پرويز مشرف سريلنڪا جي راڄ ڌاني ڪولمبو مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي ايئر بس فلائيٽ 508 پي ڪي ذريعي وطن واپسي لاءِ ڪراچي روانو ٿي چڪو هو. ڪراچي ۽ نوابشاهه جا ايئر پورٽ جتي ممڪن طور جهاز لهڻو هو، سي سيل ڪيا ويا. 12 آڪٽوبر جي منجهند جو ساڍي ٽين وڳي وزير اعظم نواز شريف جنرل مشرف جي برطرفي ۽ جنرل ضياءُ الدين جي نئين آرمي چيف جي تقرري واري آرڊر تي صحيح ڪئي. ويهن منٽن بعد اها خبر ريديو ۽ ٽيلي ويزن تان نشر ڪئي وئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هوڏانهن جي ايڇ ڪيو ۾ هنگامي طور چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمد عزيز خان، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي 10 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمود سميت ڪجهه فارميشن آفيسرن ۽ پرنسپل اسٽاف آفيسرن کي گهرائي نئين پيد اٿيل صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو. ايتري ۾ نئون مقرر ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الدين آرمي چيف جي وردي ۾ بيج هڻي جي ايڇ ڪيو پهتو، پر چيف آف جنرل اسٽاف جنرل محمد عزيز خان کيس نئين آرمي چيف طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي کيس چيف جي آفيس ۾ ويهارڻ کان نابري واري، جنهن تي جنرل ضياءُ الدين فوري واپس وزير اعظم هائوس پهتو، جتي هن سموري ماجرا نواز شريف کي ٻڌايائين. جنهن وري پنهنجي ملٽري سيڪريٽري برگيڊيئر جاويد اقبال ذريعي شهباز شريف جي قائم ڪيل ايليٽ فورس ذريعي پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد جي بلڊنگ کي قبضي ۾ آڻي وزير اعظم نواز شريف پاران ڇهين وڳي قوم سان خطاب جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. هوڏانهن وزير اعظم هائوس پاران سول ايوي ايشن جي ڊائريڪٽر جنرل امين چوڌري، ڊائريڪٽر آپريشن ريڊار يوسف عباس کي هدايتون ڏنيون ويون ته ڪولمبو کان ايئر فلائيٽ 805 پي ڪي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي ايئر پورٽ تي لهڻ نه ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو سيد غوث علي شاهه، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ رانا مقبول ۽ ڊي آءِ جي ڪراچي اڪبر آرائين کي حڪم ڪيو ويو ته زبردستي لهڻ جي صورت ۾ جنرل مشرف کي گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڪراچي جو متبادل ايئر پورٽ نوابشاهه آهي، اتي به ايس ايس پي نوابشاهه احسان ا گوندل کي چيو ويو ته جنرل مشرف کي ايئر پورٽ تان ٻاهر نه ڇڏيو وڃي. پاڪستان جي هٿيار بند فوج اهڙي طريقي سان پنهنجي چيف جي برطرفي کي پنهنجي توهين سمجهندي تحرڪ ۾ اچي وئي. جي ايڇ ڪيو ۾ ليفٽيننٽ جنرل عزيز خان ۽ 10 ڪور جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمود صورتحال سنڀاليندي ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل مظفر عثماني جنرل مشرف جي جهاز جي سلامتي سان ڪراچي ايئر پورٽ تي لينڊنگ بابت طئي ڪري ورتو. اهڙي طرح جنرل عثماني ۽ جنرل آفيسرڪمانڊنگ جي او سي ڪراچي ميجر جنرل افتخار ملير ڇانوڻي مان هٿياربند فوج جي يونٽن کي (Move Order) جاري ڪندي ڪراچي ايئرپورٽ کي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو. جهاز جي پائلٽ جنرل مشرف کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ جڏهن پائلٽ کي ڪنٽرول ٽاور ذريعي خبر پئجي وئي ته ڪراچي ايئر پورٽ کي هٿياربند فوج ڪنٽرول ڪري چڪي آهي ته پائلٽ ڪنٽرول ٽاور ذريعي جنرل مشرف جو رابطو جي او سي ڪراچي ميجر جنرل افتخار ملڪ سان ڪرايو. انهن درميان جيڪا گفتگو ٿي، سان هيٺئين ريت آهي.
جنرل مشرف: مان چيف آف آرمي اسٽاف ٿو ڳالهايان.
جنرل افتخار: سر مان جنرل افتخار ٿو ڳالهايان.
جنرل مشرف: افتخار! عثماني ڪٿي آهي؟
جنرل افتخار: سر! جنرل عثماني وي آءِ پي لائونج ۾ آهن، هو گيٽ تي اوهان جا منتظر هوندا.
جنرل مشرف: ڇا مسئلو آهي؟
جنرل افتخار: سر ٻه ڪلاڪ اڳ اوهان کي رٽائر ڪري جنرل ضياءَ کي چيف مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اوهان جي جهاز لاءِ رن وي جا رستا بند ڪيا ويا، پر اسان حالتن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، اوهان هاڻي رن وي تي لهي سگهو ٿا.
جنرل مشرف: افتخار! اوهان جي وڏي مهرباني، محمود ۽ عزيز کي چئو ته ڪير به ملڪ ڇڏي نه وڃي.
جنرل افتخار: رائيٽ سر اسين اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
ايئن جنرل مشرف خلاف اڳوڻي وزير اعظم پاران ڪيل پلاننگ کي عملي روپ نه ملي سگهيو، ۽ هڪ ڀيرو وري ملڪ مٿان فوجي راج مڙھيو ويو ۽ ٻئي طرف نواز شريف کي ڪجهه جنرلن وزيراعظم هائوس مان گرفتار ڪري اٽڪ قلعي پهچائي ڇڏيو ۽ جنرل مشرف ملڪ جو چيف ايگزيڪيٽو بڻجي ويو. سندس دور اقتدار ۾ بينظير ڀٽو صاحبه نواب اڪبر بگٽي سميت ڪيترن جي شهادتن جا الزام آھن ، اڄ هو طاقتور آمر آخر هي فاني جهان ڇڏي هليو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو