ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ پاڻي ڪٿي آهي؟ ماپ لاءِ اهم مشن روانو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا ۽ فرانسيسي خلائي ايجنسي پاران گڏيل سيٽلائيٽ هڪ نئين مشن سان خلا ۾ موڪليو ويو آهي جنهن جو مقصد زمين جي ان حصي کي ماپڻ آهي جتي سڀ کان وڌيڪ پاڻي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سيٽلائيٽ کي انٽرنيشنل سرفيس واٽر اينڊ اوشن ٽوپوگرافي (SWOT) جي عنوان سان مشن سونپيو ويو آهي جيڪو پهريون ڀيرو ڌرتيءَ تي سمنڊن، ڍنڍن، دريائن ۽ وهڪرن جي پاڻي جي سطح کي ماپيندو.ان مشن لاءِ فلڪن 9 راڪيٽ کي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي اسپيس ايڪس مان لانچ ڪيو ويو، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ راڪيٽ ڪاميابي سان ٻيهر زمين تي لهي ويو.سيٽلائيٽ دنيا جي سطحي پاڻي جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ سروي ڪندو ۽ تازي پاڻي سان گڏ سامونڊي پاڻي جي ماپ ڪندو.ميڊيا رپورٽن موجب SWOT ماپن مان حاصل ڪيل معلومات مان معلوم ٿيندو ته سمنڊ ڪيئن موسمياتي تبديليءَ سان متاثر ٿي رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ گلوبل وارمنگ سان ڍنڍن، درياهن ۽ ذخيرن تي ڪهڙا اثر پون ٿا.رپورٽن مطابق، سيٽلائيٽ جي مدد سان ڊيٽا پڻ سماج کي سيلاب ۽ ٻين پاڻي سان لاڳاپيل آفتن لاء بهتر تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.هي سيٽلائيٽ ڊيٽا سائنسدانن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري ۽ سمنڊن جو وڌندڙ گرمي پد ڪيئن لاڳاپو رکي ٿو ۽ ڪيئن اهي گلوبل وارمنگ کي تيز ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو