هڪ ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچڻ جو خدشو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ورلڊ بينڪ جي پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو بدران 1.8 سيڪڙو رهندي.پاڪستان ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميڪرو اڪنامڪ خطرا برقرار آهن ۽ قرضن جو بار وڌي ويو آهي. مالي سال 2022-23 ۾ غربت جي شرح ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، وڌيڪ هڪ ڪروڙ ماڻهن جي غربت جي لڪير کان هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب تنگ ميڪرو اڪنامڪ پاليسي ۽ وڌندڙ قرضن سبب سيڙپڪاري سست ٿي وئي آهي، بنيادي توازن جي ڊي پي جو 0.1 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جيڪو ايندڙ مالي سال ۾ 0.3 سيڪڙو هوندو.عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 0.7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيڪ گهٽجي جي ڊي پي جي 0.6 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي متوقع پرڏيهي قرضن جي گهرج ۾ ڪا تبديلي نه رهندي، هلندڙ مالي سال ۾ قرضن جو تناسب جي ڊي پي جي 73.1 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ قرضن جو تناسب جي ڊي پي جي 72.5 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي.ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب مالي سال 2024 جي پهرين اڌ ۾ مضبوط زرعي پيداوار سبب معاشي سرگرميون بهتر ٿيون. اعتماد ۾ بهتري سان گڏ، بحاليءَ سان ڪجهه ٻين شعبن ۾ پڻ مدد ملي آهي، پر ترقي ۽ بهتري جي اها شرح غربت کي گهٽائڻ لاءِ ڪافي نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو