مناسب اگھن تي ڀاڻ نه ملڻ سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گھٽتائي جو خدشو

حيدرآباد (ن س) سنڌ آباد گار بورڊ چيو آھي ته ھن وقت جڏھن ڪڻڪ جي پوک ٿي رھي آھي اھڙي اھم وقت ۾ جيڪڏھن آبادگارن کي مناسب اگھن تي ڀاڻ نه ملندو ته ان سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿي سگھي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ نه رڳو خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو ٿيندو پر اٽو پڻ ويتر گھڻو مھانگو ٿي ويندو، جنھن جا سڌا سنوان اثر عام ۽ خاص طور تي ملڪ جي غريب طبقي تي پوندا. ان ڪري ضروري آھي، پيداوار ۾ واڌ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڀاڻ ۽ ٻين شين جي اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ ورتا وڃن.حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ آباد گار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاھ ۽ ٻين چيو ته بحران جي ور چڙھيل معيشت ۽ بنا ڪنهن سپورٽ جي، زرعي شعبو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال قومي معيشت ۾ 3 کان 5 ارب ڊالرز جي واڌ ڪندو. جيتوڻيڪ هن شعبي جي صلاحيت ان کان بھ گهڻي وڌيڪ آهي، پر زرعي پيداوار لاءِ استعمال ٿيندڙ شين جي اگھن ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ واڌ ان صلاحيت مان فائدو وٺڻ ۾ رڪاوٽ ٿيل آھي، اھي پيداواري خرچ زرعي اپت جي ملندڙ اگھن سان مطابقت نه ٿا رکن. زرعي پيداوار لاءِ استعمال ٿيندڙ شين ۾ يوريا ڀاڻ سڀ کان وڌيڪ اھم آھي، جنھن جي گذريل ڏيڍ سال کان بليڪ مارڪيٽ ٿي رهي آهي. يوريا کان پوءِ ٻي نمبر وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ڀاڻ ڊي اي پي آھي جيڪو پڻ مقرر ٿيل اگھ کان گھڻو مھانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي. ان انتھائي اھم معاملي تي جڏھن ھتي سنڌ آبادگار بورڊ طرفان پريس ڪانفرنس ڪري رھيا آھيون ته ان ئي وقت تي ضلعي سانگهڙ ۽ گھوٽڪي ۾ احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو پيو وڃي ته جيئن ان بحران واري معاملي کي اٿاري سگھجي جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ وڌندو پيو وڃي.ھنن وڌيڪ چيو تھ سنڌ آبادگار بورڊ جي ھڪ ڪاٿي موجب رڳو يوريا جي بليڪ مارڪيٽنگ سان ئي آبادگارن کان 130 ارب روپيا وڌيڪ اوڳاڙيا پيا وڃن. اهو ڏٺو ويو آھي ته جڏھن به اھم فصلن جي پوک ٿيڻي ھوندي آھي جيئن ھن وقت ڪڻڪ جي پوک ٿئي پئي ته اھڙي وقت جو اھي ناجائز منافع خور وڌيڪ فائدو وٺندا آهن، ڇو ته اھي ڄاڻن ٿا ته آبادگار انھن کان ھر صورت ۾ ۽ ڪنھن بھ اگھ تي ڀاڻ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. هن وقت اهو لڳي پيو ته ذخيره اندوزن وڏي پئماني تي ڀاڻ خريد ڪري لڪائي ڇڏيو آھي ۽ ان کي پنھنجي مرضيءَ جي اگھن تي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ لاڳاپيل ذميوار اھو سڀ ڪجھھ خاموشي سان ڏسي رهيا آهن.ان معاملي جي ذميواري ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين، انهن جي ڊيلرن ۽ حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. ڪير بھ ان جي پڪ نه پيو ڪري ته آبادگارن کي يوريا ڀاڻ ڪمپنين جي مقرر ٿيل اگھن تي ملي پيو يا نه، ڪمپني جيڪو اگھ مقرر ڪندي آھي ان ۾ ڊيلرز سميت سمورا مارجن شامل ئي ھوندا آھن. ڪمپنين وٽ اهو ڄاڻڻ لاءِ مضبوط نظام آهي ته ڀاڻ ڪٿي ۽ ڪيترو موڪليو وڃي ٿو ۽ ان ڪري کين پنھنجي ڊيلرز کي مجبور ڪرڻ گهرجي ته هو ڀاڻ مقرر ٿيل اگھھ تي ئي وڪڻن، پر اھي ڪمپنيون پنھنجي اھا ذميواري نھ پيون نڀائين. جنھن ڪري ئي ڊيلر اگھن جي معاملي ۾پنھنجي مرضي پيا ھلائين. اھا حڪومت جي پڻ بنيادي ذميواري آهي ته اها آبادگارن کي ڦُرجڻ کان بچائي. ڊيلرن جا جيئن تھ آبادگارن سان بنيادي ۽ سڌا رابطا رھن ٿا ۽ 90 سيڪڙو ننڍا آبادگار 16 ايڪڙن کان بھ گھٽ زمين رکن ٿا، جنھن جو فائدو وٺندي اھي ڊيلر انھن آبادگارن کي زرعي شيون پنھنجي مرضيءَ جي اگھن تي وڪڻن ٿا.ھنن چيو تھ هن منظم اوور چارجنگ جو اثر تمام گهڻو آهي جيڪو ٻين شعبن ۾ بھ محسوس ڪيو ويندو. حڪومت ڪا اثرائتي ڪارروائي نه ڪري معيشت ۾ بليڪ مارڪيٽنگ کي هٿي ڏئي رهي آهي. ان کان علاوه، جڏھن آبادگار پاڻ کي انھن وڏن خرچن کان بچائيندا تھ ان جو نتيجو زرعي پيداوار ۾ وڏي گھٽتائي جي صورت ۾ نڪري سگھي ٿو ۽ پيداوار گھٽجڻ جي نتيجي ۾ آبادگارن جي مالي سگھھ گهٽجڻ سان گڏ خوراڪ جي تحفظ جا مسئلا پڻ پيدا ٿي سگھن ٿا.ھنن وڌيڪ چيو تھ ھن وقت جڏھن ڪڻڪ جي پوک ٿي رھي آھي اھڙي اھم وقت ۾ جيڪڏھن آبادگار ن کي مناسب اگھن تي ڀاڻ نھ ملندو ۽ اھي ان جو استعمال نھ ڪندا يا وري گھٽ ڪندا تھ ان سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿي سگھي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ نھ رڳو خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو ٿيندو پر اٽو پڻ ويتر گھڻو مھانگو ٿي ويندو، جنھن جا سڌا سنوان اثر عام ۽ خاص طور تي ملڪ جي غريب طبقي تي پوندا. ان ڪري ضروري آھي، پيداوار ۾ واڌ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڀاڻ ۽ ٻين شين جي اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اثرائتا اپاءِ ورتا وڃن. سنڌ آبادگار بورڊ 23 آڪٽوبر تي سکر ۾ ۽ گذريل هفتي حيدرآباد ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير سان گڏجاڻين ۾ کيس ان بحران بابت باضابطه طور آگاهه ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه سنڌ آبادگار بورڊ گذريل هڪ سال کان مختلف سطحن تي ڪمپنين، ڊيلرز ۽ سرڪاري عملدارن سان ان مسئلي کي اٿاري رهيو آهي پر بدقسمتيءَ سان رڳو مقامي سطح تي ڪجھھ انتظامي قدمن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿيو آهي. ان ڪري اسين حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته ڪمپنين سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڏسي ته جيڪڏھن انھن سان انھن سان گئس جي درآمد يا فراهمي ۾ ڪي مسئلا آھن تھ انھن جي حل لاءِ اپاءِ وٺي تھ جيئن آبادگارن کي مقرر اگھن تي ۽ سولائي سان ڀاڻ ملي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو