بابر وڪيٽ تي رهي ته 300 کان وڌيڪ رنسون ٺهنديون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني آل رائونڊر عماد وسيم قومي ٽيم جي اوپنر فخر زمان کي صلاح ڏني آهي ته هو ان ئي جارحاڻي انداز ۾ کيڏن جنهن چيمپيئنز ٽرافي ۾ کيڏيو هو.عماد وسيم چيو ته بابر اعظم جو وڪيٽ تي رهڻ ضروري آهي جڏهن ته امام الحق يارنهن ڀيرا باؤنسر تي آئوٽ ٿي چڪو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ٽيم فخر زمان تي دارومدار رکي ٿي، کيس پنهنجي پراڻي راند کيڏڻ گهرجي، کيس ان ئي جارحاڻي انداز ۾ کيڏڻ گهرجي جنهن چيمپيئنز ٽرافي ۾ کيڏيو هو.اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو ته سعود شڪيل ۽ محمد رضوان تمام سٺو کيڏيو، بابر اعظم اسپنر ۽ فاسٽ بالر کي سٺو کيڏندو آهي پر جيڪڏهن بابر اعظم آئوٽ ٿئي ته ٻين کي ذميواري کڻڻ گهرجي، ٽيم انتظاميا رڳو ميچ کٽڻ جو چوڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو