مڙس کان ناراض ٿي گهر آيل پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري قتل

اڏيرو لال (رپورٽر) اڏيرو لال ويجهو پسند جي پرڻي بعد مڙس کان ناراض ٿي گهر آيل ناري قتل ٿي وئي، ڪجهه وقت اڳ پسند پرڻو ڪندڙ ناري کي سئوٽ قتل ڪري ڇڏيو،ڳوٺ عرضي هڪڙا ۾ ناري شالمين هڪڙو تي سندس سئوٽ عامر هڪڙو فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ ناري قتل ٿي وئي،ڪجهه وقت اڳ ناري شالمين هڪڙو ياسر کوکر نالي نوجوان سان گهران نڪري پرڻو ڪيو هو،گذريل ڏينهن ناري مڙس کان ناراض ٿي مائٽن وٽ پهتي، جنهن کي سئوٽ قتل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو