بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ٿيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني چتاءَ ڏيندي چيو آهي ته جبري طور گم ڪيل باقي 28 شاگردن کي ايندڙ حاضري تائين بازياب نه ڪرايو ويو ته وزيراعظم، گهرو وزير، دفاع ۽ گهرو کاتن جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندس. ڪو پاڻ کي آجو نه سمجهي. هن سرفراز بگٽي کي مخاطب ڪندي چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ تي وزيراعظم ۽ اوهان گهر ويندا. عدالت گهرو کاتي جي وزير کي هدايت ڪئي ته هو ٻن ڏينهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ملاقات ڪري ايندڙ حاضري تي رپورٽ پيش ڪري. عدالت وڌيڪ ڪاروائي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران جج چيو ته ڪنهن به ايجنسي کي ڪابه استثنيٰ ناهي ته سالن کان جنهن کي چاهي کڻي وڃي ۽ بعد ۾ آبپارا ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني بلوچ اسٽوڊنٽس ريڪوري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن جي وڪيل ايمان مزاري ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا. گم ٿيل بلوچن جا وارث، نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ انساني حقن جو نگران وزير خليل جارج به عدالت ۾ پيش ٿيا. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته 22 بلوچ شاگردن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، هو گهر پهچي ويا آهن، 28 بلوچ لاپتا اڃا تائين گم آهن، وزيراعظم پرڏيهه ۾ هجڻ سبب نه اچي سگهيو، مان يقين ڏيان ٿو ته ڪوششون جاري رکيون وينديون. گم ٿيل سمورن ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪميشن جي رپورٽ نگران وفاقي ڪابينا کي پيش ڪري ڇڏي، ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي وئي جنهن معاملي کي ريفر ڪيو، ڪميشن کي ڪارروائي بابت تجويزون ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، سڃاڻپ ڪارڊ جا تفصيل نه ملڻ سبب 28 شاگرد اڃا تائين گم آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اها سادي ڳالهه آهي ته اهو بنيادي انساني حقن جو معاملو آهي، گم ٿيل سڀئي يونيورسٽي جا شاگرد آهن، ڇا اهي پاڪستاني شهري نه آهن؟ هن رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ امن امان ناهي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو سمورو الزام رياستي ادارن تي آهي، اسان جا شهري آهن، انهن جون مائون، ڀينرون ۽ ڀائر روئي رهيا آهن، اهي بلوچستان مان آيا آهن. گهرو وزير چيو ته اها رياست جي ذميواري آهي سڀني شهرين جو تحفظ ڪري، پر ڪجهه معاملن ۾ عدالتي ڀڳوڙا آهن، ڪي افغانستان هليا ويا آهن اسين ڇنڊ ڇاڻ ڪريون پيا. جج چيو ته ڇا کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي ۾ ناڪامي رياست جي ناڪامي ناهي؟ گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڪميشن آڏو پيش ٿين ٿا تڪليفون برداشت ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪو به دهشتگرد آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته ڇا اهڙيون ڳالهيون ڪنهن مهذب سماج ۾ ٿينديون آهن؟ هر گم ٿيل شخص جيڪو بازياب ٿئي ٿو اچي ۽ چوي ٿو ته مان ڪيس جي پيروي ڪرڻ نٿو چاهيان. هو بند ڪمرن ۾ نه ڪهاڻيون ٻڌائيندا ۽ نه ئي ڪنهن کي بند ڪمري ۾ ٻڌندا. جيڪي چوڻو آهي سو کليل عدالت ۾ چئو.

پهنجو تبصرو موڪليو