انٽر بئنڪ: ڊالر 283 رپيا 20 پئسا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ڪاروبار دوران آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 31 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 20 پئسا ٿي ويو،ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 51 پيسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ شروع کان مثبت ڪاروبار جو رجحان جاري آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس اڄ ٻيهر 66 هزار تائين پهچي ويو.100 انڊيڪس 552 پوائنٽن جي واڌ سان 66 هزار 3 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار جي بند ٿيڻ تي، انڊيڪس 65,450 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو