انٽر بئنڪ: ڊالر 281 رپيا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر اڄ صبح جي شروعاتي واپار ۾ انٽربينڪ تي ڪجهه پئسا حاصل ڪيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 پئسا مهانگو ٿي 281 رپيا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 280 رپيا 95 پيسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 166 پوائنٽن جي واڌ سان 51 هزار 649 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 51 هزار 482 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو