استنبول ۾ نائيٽ ڪلب ۾ باهه، 29 ڄڻا اجل جو شڪار

استنبول (ويب ڊيسڪ) استنبول جي نائيٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ سان 29 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب اڱاري ڏينهن استنبول ۾ هڪ 16 ماڙ رهائشي عمارت ۾ باهه جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ٿي ويا، فائر فائيٽرز ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي باهه تي ضابطو آڻي ڇڏيو. باهه جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪيون ويون، فائر فائيٽرز 31 گاڏين ۽ 86 اهلڪارن جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو، زخمين کي علائقي جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. استنبول جي گورنر جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب بيسڪتاس ضلعي جي گيريٽيپي ۾ باهه جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 29 ٿي ويو آهي، باهه زمين جي هيٺين، پهرين ۽ ٻي ماڙ تي نائيٽ ڪلب ۾ لڳي هئي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب 5 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو