اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف کي اڱاري ڏينهن آگاهه ڪيو ويو ته ٽيڪس وصولي بهتر بڻائڻ لاءِ ملڪ جي چئن وڏن ٽيڪس ڏيندڙ شهرن، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ملتان ۾ سيلز ٽيڪس جا الڳ زون قائم ڪيا پيا وڃن.
وزيراعظم آفيس جي بيان موجب، اها اڳڀرائي اسلام آباد ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو بابت هفتيوار جائزي واري اجلاس دوران ٻڌائي وئي.
اهو قدم حڪومت پاران 17 سالن کان پوءِ سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جي وصولي کي گڏيل نظام ۾ هلائڻ واري انتظام کي واپس ختم ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ کنيو ويو آهي. حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ڪمزور عملدرآمد ۽ ٽيڪس جي ناقص وصولي سبب سيلز ٽيڪس جي آمدنيءَ ۾ کوٽ وڌي 3.4 کرب رپين تائين پهچي وئي آهي.
اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اجلاس کي سيلز ٽيڪس جي آمدنيءَ ۾ کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ جديد ڪارگو ٽريڪنگ سسٽم قائم ڪرڻ بابت جاري ڪم کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
بيان موجب، اهو نظام سامان جي لوڊ ٿيڻ کان وٺي پهچائڻ تائين ان جي چرپر کي ڊجيٽل طريقي سان ٽريڪ ڪندو ۽ ان ۾ اليڪٽرانڪ ڪنسائنمينٽ نوٽ، رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم، ميداني سطح تي عملدرآمد ۽ تجزياتي ڊيش بورڊ شامل هوندا.
وزيراعظم آفيس چيو ته ان نظام تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ صوبن جي نمائندگيءَ تي ٻڌل هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ ٺاهي پئي وڃي.
اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ هڪ آفيس قائم ڪري رهيو آهي، جيڪا مقامي صنعتڪارن کي سندن در تي سهولتون فراهم ڪندي.
وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم شهباز شريف اختيارين کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي ايئرپورٽن تي ڪسٽم ڪليئرنس، اميگريشن ۽ ٻين عملن کي تيز ڪيو وڃي ۽ سمورن بين الاقوامي ايئرپورٽن تي اسمارٽ اسڪيننگ سسٽم فعال بڻايا وڃن.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان وڏن بين الاقوامي ايئرپورٽن تي اسمارٽ اسڪيننگ سسٽم لڳايا پيا وڃن. اهي نظام مسافرن جي سامان کي پاڻمرادو گرين يا ريڊ چينل ڏانهن موڪليندا.
وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايف بي آر چيئرمين جا ڪراچي ۽ لاهور جا تازا دورا ۽ مقامي واپارين ۽ صنعتڪارن سان ملاقاتون واپار، برآمدات ۽ سيڙپڪاري لاءِ مثبت نتيجا ڏينديون.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي بانڊڊ گودامن جي ڪيل آڊٽ ۾ 24.4 ارب رپين جون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. بيان موجب، قانوني طريقيڪار تحت وصوليون ڪيون پيون وڃن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف اختيارين کي هدايت ڪئي ته بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ وصوليون ڪيون وڃن.
اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انڊس ڪليڪٽريٽ ملڪ ۾ سنڌو درياهه تي قائم پلن وٽ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. بيان موجب، 856 اهلڪارن تي ٻڌل انفورسمينٽ ڪليڪٽريٽ هن وقت تائين 302 ڪاررواين دوران 1.849 ارب رپين جو غيرقانوني سامان ضبط ڪيو آهي.
پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ (PRAL) بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيٽا جي درستگي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي سافٽ ويئر سسٽمن ۾ اضافي سيڪيورٽي خاصيتون شامل ڪيون ويون آهن. بيان موجب، فاٽا/پاٽا ٽيڪس ڇوٽ تحت اڳ ۾ غيرمجاز استعمال جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ايف بي آر آفيسرن خلاف پڻ کاتي جي سطح تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
2009ع ۾ حڪومت عالمي بئنڪ جي سهڪار سان ٽيڪس انتظاميا کي گڏيل بڻائڻ واري سڌاري تحت سيلز ٽيڪس ۽ وفاقي ايڪسائيز ڊيوٽي جي انتظام کي ڪسٽمز کان انلينڊ روينيو سروس (IRS) ڏانهن منتقل ڪيو هو.
پر 17 سالن تائين گڏيل نظام هلائڻ باوجود سيلز ٽيڪس جي آمدنيءَ ۾ کوٽ وڌي اندازي موجب 3.4 کرب رپين تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته انڪم ٽيڪس جي کوٽ 2 کرب رپيا آهي، جنهن سبب ان انتظام جي اثرائتي هجڻ بابت سوال اٿڻ لڳا آهن.
نئين انتظام تحت، مخصوص آفيسر سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جا معاملا الڳ الڳ سنڀاليندا، جڏهن ته ٻنهي جو انتظام الڳ سروسز بدران انلينڊ روينيو سروس (IRS) اندر ئي جاري رهندو.










