اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ڪنهن خانگي زمين تي قبر يا مزار تعمير ٿيڻ ۽ اتي عقيدتمندن جي اچ وڃ شروع ٿيڻ سان اها زمين پاڻمرادو اوقاف کاتي جي ملڪيت نٿي بڻجي. سپريم ڪورٽ خانگي زمين جو انتظام ۽ قبضو سنڀالڻ واري اوقاف کاتي جي قدم کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف پنجاب جي اپيل رد ڪري ڇڏي. جسٽس شاهد وحيد پاران لکيل 10 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن زمين کي وقف قرار ڏيڻ لاءِ ان جي مستقل وقف هجڻ ثابت ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته رڳو زائرين جي اچ وڃ ۽ نذرانو وصول ٿيڻ سان زمين جي ملڪيت اوقاف کاتي ڏانهن منتقل نٿي ٿئي.عدالت فيصلي ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي خانگي زمين تي ڪنهن مائٽ جي قبر تعمير ڪرائي ٿو ته ان عمل سان زمين وقف نٿي ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح ڪنهن خانگي زمين تي مزار قائم ٿيڻ، اتي زائرين جي اچ وڃ يا نذرانا گڏ ٿيڻ کي به زمين جي مستقل وقف هجڻ جو ثبوت قرار نٿو ڏئي سگهجي. فيصلي موجب، اوقاف کاتو مالڪ جي رضامندي کانسواءِ ڪنهن خانگي ملڪيت واري زمين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ يا ان جو انتظام سنڀالڻ جو مجاز ناهي، جڏهن ته زنده وقف ڪندڙ جي رضامندي کانسواءِ به اوقاف کاتو زمين جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ نٿو وٺي سگهي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ڪنهن زمين کي وقف قرار ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڌر تي ان جي مستقل وقف هجڻ ثابت ڪرڻ جي ذميواري آهي. رڳو روينيو رڪارڊ ۾ درگاهه جو نالو داخل ٿيڻ به ان ڳالهه جو ثبوت ناهي ته زمين اوقاف کاتي جي ملڪيت آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته اوقاف کاتي پاران قانوني گهرجون پوريون نه ڪرڻ ۽ نوٽيس جي تعميل نه ٿيڻ سبب زمين جو انتظام سنڀالڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ڪا قانوني حيثيت ناهي. سپريم ڪورٽ اوقاف کاتي جو 19 نومبر 2003ع وارو نوٽيفڪيشن غيرقانوني ۽ اختيارن کان ٻاهر قرار ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو، جڏهن ته فيصلي جي سببن بابت وڌيڪ قانوني وضاحت پڻ ڪئي. عدالت اوقاف کاتي کي 5 ڪنال 3 مرلا زمين ۽ ان تي قائم عمارتن جو انتظام، ڪنٽرول ۽ قبضو 30 ڏينهن اندر اصل مالڪ کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ لاڳاپيل روينيو اختيارين کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته اوقاف کاتي جي ڄاڻايل نوٽيفڪيشن جي بنياد تي زمين جي رڪارڊ ۾ ڪيل تبديليون درست ڪيون وڃن.










