اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ اسان کي اپوزيشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ کان اڳ پاڻ ته اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري. پنهنجي بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته پي ٽي آءِ نه پارليامينٽ اندر ۽ نه ئي ٻاهر اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي، رڳو نعريبازي بدران سياسي ايجنڊا کڻي اچي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو مطالبو رڳو باني چيئرمين جي آزادي آهي، بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف کي پارلياماني قائماتي ڪميٽين ۾ واپس اچڻ جي دعوت ڏني هئي، پر اڃا تائين ان جو جواب ناهي ڏنو ويو. نيئر بخاري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اڃا فيصلو ناهي ڪيو، پر حالتن موجب اهڙو فيصلو ڪري سگهجي ٿو.










