پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان

پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان لاءِ قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ بابت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 11 ڊسمبر تي ٿيندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ مجموعي طور 1.2 ارب ڊالرن جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آڪٽوبر ۾ آءِ ايم ايف مشن سان ڳالهيون مڪمل ڪيون هيون، جن ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت معاملا طئي ٿيا هئا. آءِ ايم ايف جي اي ايف ايف پروگرام جي پنجين قسط طور پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلين بابت آر ايس ايف پروگرام تحت 21 ڪروڙ ڊالرن جي چوٿين قسط ملڻ جو به امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو