ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ احتجاجي جلسن جو شيڊول جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به حڪومتي رٽ نظر نٿي اچي ۽ حڪومتون حڪمراني ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، پيٽرول جون قيمتون گهٽجڻ باوجود عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ناهي مليو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن. هن چيو ته سنڌ جي صورتحال خراب آهي، سنڌ حڪومت 10 لک گهر ٺاهڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، پر اهي گهر ڪٿي ٺهيا آهن؟ ڪراچي جي آبادي ساڍا 3 ڪروڙ ٿي چڪي آهي، پر ان کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو ته 29 نومبر تي لاهور جي مينار پاڪستان تي، 12 ڊسمبر تي پشاور ۽ 20 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ جلسا ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته غزا ۽ ڪشمير جي مسئلن تي مسلم ملڪن کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته سنڌي مهاجر جي نالي تي سياست هاڻي نه هلندي.










