ڪورونا جي ٻي لهر تيز ملڪ ۾ هڪ ڏينهن 59 وڌيڪ فوت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر خوفناڪ ٿي رهي آهي ڪيسن ۽ فوتين جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي ٻي لهر۾ شدت اچي وئي آهي. ملڪ ۾ وائرس کان  متاثر ٿيل ماڻهن جو مجموعي تعداد 3لک74هزار173 آهي جن مان 3لک29هزار828  صحتياب ٿي چڪا آهن  جيڪو 88 فيصد کان وڌيڪ آهي جڏهن ته فوتين جو تعداد 7هزار662 ​​تائين پهچي چڪو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا 2هزار665 ڪيس  رپورٽ ٿيا آهن ۽ 59 ماڻهون  فوت رپورٽ ڪيا ويا آهن  جڏهن ته 1هزار897 مريض صحتياب ٿيا آهن فعال ڪيسن جو ڪل تعداد 36هزار683 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ جون کان وٺي موت جو اهو سڀ کان وڏو تعداد آهي. هن عالمي موذي مرض جو پهريون ڪيس 26 فيبروري 2020 تي رپورٽ ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ جون تائين هن وبا جي پکيڙ تيز ٿي وئي هئي.جيتوڻيڪ صورتحال جولاء ۾ بهتر ٿيڻ شروع ٿي۽ سيپٽمبر جي شروعات تائين جاري رهي.ان کان پوءِ سيپٽمبر جي وچ ڌاري ڪيسن جو تعداد ٻيهر وڌڻ شروع ٿيو ۽ آڪٽوبر ۾ اهو  وڌي ويو جيڪو نومبر ۾ به ڏسڻ ۾ آيو. سنڌ صوبو جيڪو وائرس کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي24 ڪلاڪن ۾ 1هزار199 ڪيسن جو اضافو ٿيو ۽ مجموعي تعداد 1لک 62هزار227 تائين پهچي ويو. سرڪاري انگن اکرن موجب  ڪورونا وائرس سبب جي ڪري 24 ڪلاڪن ۾ 17 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن۽ فوتين جو مجموعي تعداد 2هزار816 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پنجاب صوبي ۾ ڪورونا جا 553 نوان ڪيس منظر عام تي آيا آهن جنهن کانپوءِ  متاثرين جي تعداد 1لک14هزار 010 ٿي ويو آهي. جڏهن ته  وڌيڪ 22 مريض وائرس  سبب فوت ٿي ويا آهن پنجاب ۾ فوتين جو انگ 2هزار848 ٿي ويوآهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ خيبر پختونخوا ۾ وائرس سبب 367 وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا متاثرن جو ڪُل تعداد 44هزار 097 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه ٻه مريض ڪورونا سبب فوت ٿي وياآهن  ۽ فوتين جو ڪل  تعداد 1هزار325 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾  45 ڪيس منظر عام تي آيا ۽ ڪل ڪيسن جو تعداد 16هزار 744 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3 مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو مجموعي انگ  158 مان وڌي 161  تي پهچي ويو آهي. اسلام آباد ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق 392  نون ڪيسَن جي تصديق ٿي آهي  متاثر ماڻهن جو ڪُل تعداد 26 هزار569 ٿي ويو آهي. ڪورونا سبب وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو ڪل تعداد 278 ٿي ويو آهي. ڪورونا جي سرڪاري ويب سائيٽ مطابق آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا جي 89 نون ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ وادي ۾ متاثرين جو تعداد 6هزار ٿي ويو آهي وڌيڪ 6 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جوڪل  تعداد 140 ٿي ويو آهي. گلگت بلتستان ۾ 20  نوان ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيا متاثر ٿيل ماڻهن جو مجموعي تعداد 4هزار526 ٿي ويو آهي.ڪورونا سبب هڪ ماڻهون فوت ٿي ويو آهي   ۽ فوتين جو ڪل تعداد 94 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا مريض صحتياب ٿيڻ  جو سلسلو جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 897 ماڻهو ن صحتياب ٿي وياآهن سرڪاري انگن اکرن موجب صحتياب ٿيندڙ مريضن جوڪل تعداد 3لک29هزار828 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو