چوهاڻ جو معافي بعد شهزاد اڪبر سان ٺاهه ٿي ويو

لاھور (ويب ڊيسڪ) جهانگير ترين گروپ جَي ايم پي اي نذير چوهاڻ ۽ وزير اعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، پنجاب اسيمبلي جَي اسپيڪر پرويز الاهي موجب نذير چوهاڻ، شهزاد اڪبر کي فون ڪري معذرت ڪئي آهي، نذير چوهاڻ چيو آهي ته فياض الحسن اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻئي پاسي لاهور جي سيشن ڪورٽ سائبر ڪرائيم ڪيس ۾ نذير چوهاڻ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.نذير چوهاڻ جي هڪ آڊيو ڪلپ وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن شهزاد اڪبر تي قادياني هجڻ جو الزام هنيو هو. شهزاد اڪبر وضاحت ڪئي آهي ته هو قادياني ناهي ۽ آخري پيغمبر محمد صلعم کي مڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو