راولپنڊي (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن بعد عالمي سطح تي ڀارت ڪمزور پوزيشن تي اچي ويو آهي، دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث آهي، پاڪستان ڊوزيئر ۾ ثبوت سامهون آندا، دنيا هاڻ ڀارتي سپانسرڊ دهشتگردي تي کليل نموني ڳالهه ڪري رهي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار انٽرويو ۾ چيو ته ڀارت افغان سرزمين کي استعمال ڪري سي پيڪ کي نشانو بڻائيندو آهي، ڀارت وٽ دهشتگرد آهن، اهي سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني ماڻهن ۽ مقامي ليبر کي نشانو بڻائيندا آهن پر انهن خطرن خلاف اسان مڪمل تياري ڪري رکي آهي. چئلينجز سان نبري رهيا آهيون. پاڪستان سي پيڪ جي سيڪيورٽي لاءِ خاص طور تي ٻه ڊويزن فورس تشڪيل ڏني آهي ان کانسواءِ 8 نو ريگولر رجمنٽس به راهداري جي حفاظت تي مامور آهن.پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت سي پيڪ جي ٽائيم لائن مڪمل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، اهي سمجهن ٿا ته رڪاوٽون وجهڻ سان منصوبو رڪجي ويندو، ڀارت سي پيڪ کي ترقي ڪندي نٿو ڏسڻ چاهي، ان جو مطلب واضح آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جا چيني پارٽنرز سي پيڪ منصوبي جي سيڪيورٽي جي انتظامن مان مڪمل مطمئن آهن. سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ واري هر ڀارتي سازش کي ناڪام بڻائينداسين، انشاءُ الله سي پيڪ هر ڏينهن پهرين کان وڌيڪ ترقي ڪندو. ميجر جنرل بابر افتخار وڌيڪ چيو ته ڀارت افغان سرزمين کي استعمال ڪري سي پيڪ کي نشانو بڻائيندو آهي، افغان قيادت سان ان مسئلي تي ڳالهائيندا رهندا آهيون.
سنڌيار ڪراچي 8 مئي 2024
سنڌيار سکر 8 مئي 2024
سائنسي انقلاب ۽ مذھب
شهرين لاءِ پاڻي جو مسئلو حل ڪريون پيا، حب ڪينال مان پاڻي فراهم ٿيندو
روڊن، سروس روڊ، پلاٽس، بجٽ بازارن ۽ رڪشا اسٽينڊ ختم ڪرڻ جو حڪم
سي اي اي يونينز ايئرپورٽ آئوٽ سورسز جي کليل مخالف ڪري ڇڏي
9 مئي واقعو، ڪندڙن ۽ ڪرائڻ وارن کي سزا ڏيڻي پوندي، ترجمان
ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽين جي چيئرمين شپ گهري ورتي
پاڪستان جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيان ٿو : وزيرِاعظم
سکر جو دورو، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث کي سزا ملندي،مراد شاهه
عدليا ۾ مداخلت ته ٿئي پئي پر حڪومت ڪجه نه پئي ڪري، مندوخيل
ڪُتي کي پٿر هڻڻ تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 11 زخمي
شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، نينگر زخمي
نواز توشه خانه ريفرنس ۾ بريت جي درخواست ڏئي ڇڏي
ڪڻڪ جي نئين قيمت، درخواست تي وفاق کان جواب طلب
وڏي عهدي تي ننڍو ماڻهو هوندو ته نفرتون پيدا ٿينديون: ڪنڊي
جج جو توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ چيف کي خط
برطانيه ۾ شهزاد اڪبر تي تيزاب اڇلڻ وارو ڪيس بند
بالي ووڊ فلم جي پيشڪشن ڪا وڏي ڳالھھ ناھي، ابرار
صديقي جي برطرفي نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت طرفان واپس