هڪ منفرد پارليامينٽرين.!

مظهر عباس منڌرو
ڪائنات جي هن حسين گولي تي شخصيتن جي ڪا بہ ڪمي ناهي. توهان دنيا م ماڻهون تلاش نه ڪريو پر ماڻهن م دنيا ڳوليو. ڪجهه ماڻهو ايترا ته باوقار بلند ڪردار جا مالڪ هوندا آهين. جن م اوهان ۽ اسان کي پوري دنيا لڀي پوندي آهي!
پر اهڙا عوامي خدمتگار، شرافت جا عالي مثال، ٻهڳڻا ماڻهون ڳولڻ سان به گهٽ ملندا آهن.
پر هتي اسان جي وڏي خوشنصيبي جو مکيه ڪارڻ اهيو آهي. ته مٿي بيان ڪيل سڀني صفتن جي هڪڙي حقيقي عالم جو جنم هڪڙي ٻهراڙي جي ڳوٺ م ٿيو. وڏن شهرن مان وڏيون شخصيتون جنم وٺن ته ڪا نئي ڳالهه نه چئبي. پر اگر پوئتي پيل وساريل وچن جهڙي ڳوٺ مان هڪڙي شعوري عالم، هڪڙي علمي قابليت جي داتا جو جنم ٿئي ته اها لاڙ جي خوشنصيبي چئبي! اها اسان بدين وارن جي خوشنودي هئي. جن کي الله پاڪ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جهڙو ديوتا سياستدان عطا ڪيو.
هن شرافت جي ديانتدار شخصيت ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو صاحب جو جنم 7 جولائي 1941ع تي تعلقي گولاڙچي جي هڪڙي ڳوٺ متارو منڌرو م ٺارو خان منڌرو جي گهر م واقعي ٿيو. سندن قبيلہ تعلق مغليه دور جي مانڌر رياست جي حاڪم تاجن منڌرو سان آهي.
پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ اڪري سيراڻي مان حاصل ڪيائين! ۽ بعد م حيدرآباد جي نور محمد هاء اسڪول مان سيڪنڊري تعليم ۽ پوء ان دور جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس پاس ڪيائين.
هن حق شناس شخصيت ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي کان ڪئي ۽ پنهنجي عمر جي آخري گهڙين تائين انهي ئي پارٽي جو هڪ سچو ۽ باوفا ساٿي ٿي رهيو. پاڻ ڇهه ڀيرا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن لڙيو ۽ پنج ڀيرا ڪاميابي حاصل ڪيائين.
ٻهراڙي جي پوئتي پيل علائقي مان اچي جهڙي طرح هن شخص پنهنجو تعارف ملڪي توڙي، عالمي سطح تي جوڙيو اهو ڪارنامو هن مرد مجاهد جي اڻٿڪ سياسي جدوجهد ۽ ديانتداري جو اجرو نتيجو آهي.
هن پراپڪار ماڻهون ڀٽي خاندان جي ٽن نسلن جو سچو ۽ شفاف ساٿ ڏنو! هن سياست وسيلي انسانيت جي خدمت جا عالي مثال قائم ڪيا. هي انسان پنهنجي دور جو هڪڙو منفرد سياستدان ٿي گذريو ۽ پنهنجي پوري سياست کي عبادت جو روپ ڏنو ۽ پنهنجي سياسي سگهه کي غريب مظلوم ۽ پورهيتن جي لاء وقف ڪيو. جتي پاڪستان جي سياسي نظام اندر هر طرح جي بڇڙائي، برائي، قباحت، ڦرلٽ، ناسازي جي عروج جو پختو بنياد پيل آهي.
انهي عالمي نجاست ۽ غليظائي مان به پاڪدامن، باعصمت نڪرڻ ڪو معمولي چرچو ناهي! هن معتبر آدمي جي ڏاهپ جو فلسفو بلڪل ساراهه جوڳو آهي. جتي ٿاڻي جي سياست، جتي سرداري جاگيرداري سياست، جتي ورثي م مليل سياست، جي ڪٺور نظرين جو راڄ هجي. اتي هن باڪمال ماڻهون پنهنجي سياست جو منفرد گس جوڙيو، پنهنجو الڳ تعارف بڻايو ۽ پنهنجي سياسي خدمتن وسيلي عوام م بي پناهه مقبوليت ماڻي.
ڊاڪٽر سڪندر علي منڌري صاحب صحت جو وزير رهڻ دوران پوري سنڌ م صحت جي سهولتن جو وسيع ڄار وڇايو ۽ صحت لاء پوري سنڌ اندر ڪارائتا ۽ عملي قدم کنيا! ۽ پنهنجي آخري وقت م بدين ضلع لاء هڪڙو شاهڪار انڊس اسپتال جوڙڻ جو پروجيڪٽ ترتيب ڏنو ۽ انهي مهان پروجيڪٽ کي جلد ئي تڪميل تي رسايو اڄ اهو پروجيڪٽ بدين ضلعي جو عظيم ۽ بهترين صحت جو مرڪز آهي جنهن کي بعد م نئون نالو ترتيب ڏئي ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو ميموريل هاسپيٽل رکيو ويو. ڊاڪٽر سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪئي، سنڌ جي حقن لاء جدوجهد ڪئي، سنڌ جي پاڻي جي اهم معاملي تي سڀني پارلياماني فورمن تان ۽ سنڌ اسيمبلي م پڻ آواز بلند ڪيو! ۽ سنڌ جي پاڻي جي چوري جو ڪيس دنيا اڳيان واکو ڪيو. هن جلاوطني جا ڏکيا ڏينهن گهاريان پر پنهنجي پارٽي، پنهنجي وطن سان بيوفائي نه ڪئي، ڪوبه خوف، ڪابه لالچ، ڪوبه ڀوء جو راڪاس پهاڙ جيڏا حوصلا پاليندڙ هن بهادر ماڻهون کي ڪمزور ڪري نه سگهيو. هي پنهنجي اٽل ارادن تي مضبوط رهيو ۽ پنهنجي حقن جي وارثي جو ڪردار نڀائيندو رهيو.
2018ع م کيس سينيٽر چونڊرايو ويو ۽ ڪافي عرصو سينيٽ جو ميمبر رهيو. هن کي مذهب، جمهوري سياست، روينيو، ماحوليات، تاريخ، فلسفو ۽ قانون سازي تي عالمانه دسترس حاصل هئي هي انگريزي، اردو، سنڌي، کان سواء عربي زبان کي به ڄاڻندو هو.
پاڻ حياتي جو ڪافي حصو اقتدار م رهيو. پر ڪڏهن به انتقامي سياست طرف نه سوچيائين! سدائين پارٽي جو مخلص ڪارڪن ٿي رهيو، پنهنجي اخلاق حسنہ جو پاڻ ئي مثال آهي. اختيارن جي آزادي باوجود به پاڻ ڪڏهن ڪنهن جي خلاف نه ڳالهايائين، ڪڏهن به سياست کي ذاتيات ڏانهن وٺي نه ويو ۽ نبار مذهبي سياست ڪيائين.
هن دانشمند اڪابر شخصيت 11 جون 2022 تي وفات ڪئي. کيس سنڌ وطن جي پويتر مٽي جي هنج م مدفون ڪيو ويو..

پهنجو تبصرو موڪليو